وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان پاران انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ جي مرڪزي آفيس جو دورو

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ (اي ڊي بي) جي مرڪزي آفيس اسلام آباد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سي اي او خدابخش خاص مددگار جي آجيان ڪئي ۽ اداري جي مختلف شعبن ۽ سهولتن کان آگاهه ڪيو. دوري دوران هارون اختر بورڊ جي عمارت، انفرا اسٽرڪچر، ايمرجنسي ٻاهر نڪرڻ جي رستي ۽ حفاظتي اوزارن …

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ (اي ڊي بي) جي مرڪزي آفيس اسلام آباد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سي اي او خدابخش خاص مددگار جي آجيان ڪئي ۽ اداري جي مختلف شعبن ۽ سهولتن کان آگاهه ڪيو. دوري دوران هارون اختر بورڊ جي عمارت، انفرا اسٽرڪچر، ايمرجنسي ٻاهر نڪرڻ جي رستي ۽ حفاظتي اوزارن جو تفصيلي معائنو ڪيو. هن هدايت ڪئي ته اداري جا سمورا نظام جديد گهرجن سان هم آهنگ، مڪمل طور تي آن لائن ۽ ڊجيٽل هجڻ گهرجن ته جيئن شفافيت ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻي سگهجي. خاص مددگار چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن هڪ شفاف، ميرٽ تي ٻڌل ۽ موثر نظام جو قيام آهي،اسان کي انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ کي عالمي معيار جو ادارو بڻائڻو آهي جيڪو انجنيئرنگ جي شعبي ۽ روانگي واپار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري. هارون اختر واضح ڪيو ته عوامي سطح تي اداري بابت ڪجهه غلط تاثر ڏٺو وڃي ٿو جنهن کي ميرٽ، شفافيت ۽ نتيجا ڏيندڙ قدمن ذريعي بدلائي سگهجي ٿو. هن چيو ته اداري بابت شڪايتن جي ازالي لاءِ هڪ جديد شڪايتي پورٽل ۽ هڪ بااختيار شڪايتي ڪميٽي قائم ڪئي ويندي ته جيئن شهرين ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي آواز کي ٻڌي سگهجي. خاص مددگار چيو ته آئون پاڻ انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ جي ڪارڪردگي تي مسلسل نظر رکي رهيو آهيان، اسان کي ترقي يافته ملڪن وانگر نتيجن تي ٻڌل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي جنهن ۾ شفاف عمل، ذميواري ۽ تعاون اهم حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته مختلف ادارن ۽ اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ هم آهنگي ۽ اجتماعي ڪوششن ذريعي اسان نه رڳو اي ڊي بي کي هڪ موثر ادارو بڻائي سگهون ٿا پر پاڪستان جي انجنيئرنگ صنعت کي به عالمي سطح تي نمايان مقام ڏياري سگهون ٿا.

مزید خبریں