اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ خبردار ڪيو آهي ته موسمياتي تبديلين خلاف جيڪڏهن فوري ۽ درست قدم نه کنيا ويا ته دنيا هڪ اهڙي نُقطي تي پهچي سگهي ٿي جتان واپسي ممڪن نه هجي، موسمياتي تبديليءَ خلاف جدوجهد دراصل انصاف جو معاملو آهي. جاري ڪيل بيان موجب موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ايٿوپين سفارتخاني …
موسمياتي تبديلين خلاف فوري ۽ درست قدمن جي ضرورت آهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ خبردار ڪيو آهي ته موسمياتي تبديلين خلاف جيڪڏهن فوري ۽ درست قدم نه کنيا ويا ته دنيا هڪ اهڙي نُقطي تي پهچي سگهي ٿي جتان واپسي ممڪن نه هجي، موسمياتي تبديليءَ خلاف جدوجهد دراصل انصاف جو معاملو آهي. جاري ڪيل بيان موجب موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ايٿوپين سفارتخاني طرفان اسلام آباد ۾ منعقد وڻڪاري مهم ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. هي مهم ”وڻڪاريءَ ذريعي تجديد“ جي عنوان تحت منعقد ڪئي وئي. جنهن جي اڳواڻي ايٿوپيا جي خاص ايلچي ۽ سفير جمال بيڪر عبدالله ڪئي. ان پروگرام تحت پاڪستان ۾ ٻوٽا پوکيا ويندا جيڪي ايٿوپيا جي 700 ملين وڻ لڳائڻ جي هدف ۾ تعاون فراهم ڪندا، جنهن جو مقصد ماحولياتي نظام جي بحالي ۽ ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ گهٽتائي آهي. سفير اجلاس ۾ ايٿوپيا جي ناليواري گرين ليگيسي انيشيئٽو کان آگاهه ڪيو، جيڪو ماحولياتي توازن جي بحالي، ڪاربن جي خارج ڪرڻ ۾ گهٽتائي ۽ پائيدار ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. هن ان موقعي تي چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديليءَ خلاف پنهنجي جدوجهد ۾ اڪيلو نه هوندو. هن وفاقي وزير کي ايٿوپيا ۾ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ آفريقا ڪلائيمينٽ سمٽ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ڊاڪٽر مصدق ملڪ خطاب ڪندي چيو ته موسمياتي تبديليءَ خلاف جدوجهد دراصل انصاف جو معاملو آهي. هن واضح ڪيو ته ماحولياتي بگاڙ نه صرف قدرت پر انسانيت سان به ناانصافي آهي. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت آگسٽ ۾ هڪ وسيع بنياد جي قومي وڻڪاري مهم شروع ڪندي جنهن ۾ عوام کي مفت ٻوٽا فراهم ڪيا ويندا ته جيئن وڏي پيماني تي شموليت ۽ ماحولياتي بحاليءَ کي هٿي وٺرائي سگهجي.











