اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جو توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي ڪارڪردگيءَ جي ساراهه ۾ لکيل خط توانائيءَ واري وزارت کي ملي ويو. توانائي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب توانائيءَ واري وفاقي وزير کي توانائيءَ جي شعبي ۾ نمايان سڌارا جاتي قدمن ۽ بهترين ڪارڪردگيءَ کي ساراهڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي. خط ۾ وزيراعظم، سردار اويس خان لغاري …
سردار اويس احمد خان لغاري جي ڪارڪردگيءَ جي ساراهه ۾ وزيراعظم جو لکيل خط توانائيءَ واري وزارت کي ملي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جو توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي ڪارڪردگيءَ جي ساراهه ۾ لکيل خط توانائيءَ واري وزارت کي ملي ويو. توانائي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب توانائيءَ واري وفاقي وزير کي توانائيءَ جي شعبي ۾ نمايان سڌارا جاتي قدمن ۽ بهترين ڪارڪردگيءَ کي ساراهڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي. خط ۾ وزيراعظم، سردار اويس خان لغاري جي اڳواڻيءَ کي ساراهيندي چيو آهي ته مشڪل ترين حالتن ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارا جاتي ايجنڊا کي ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌائڻ جي مؤثر حڪمت عملي، اداره جاتي تعاون ۽ غير معمولي محنت جو اظهار آهي. خط ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي خاص زور ڀريو ته سردار اويس احمد خان لغاري جي ڪوششن سان 780 ارب رپين جي گردشي قرضن ۾ نمايان گهٽتائي ممڪن ٿي جنهن جي نتيجي ۾ گردشي قرضن جو ڳاڻيٽو گهٽ ٿي 1614 ارب رپين تائين اچي ويو آهي، ان کي هڪ غير معمولي ڪاميابي قرار ڏنو ويو. 35 کان وڌيڪ آءِ پي پيز سان معاهدن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ 6 معاهدا ختم ڪرڻ کي هڪ فيصلائتو ۽ سڌارا جاتي قدم قرار ڏنو ويو جنهن سان قومي ناڻي کي 3.6 کرب رپين کان وڌيڪ جي بچت ممڪن ٿي. خط ۾ وزيراعظم في يونٽ 8.35 رپين جي مجموعي ٽيرف ۾ گهٽتائيءَ جو به ذڪر ڪيو جنهن سان عوامي سطح تي سڌيءَ ريت رليف فراهم ٿيو. صنعتي سرگرمين ۾ بهتري آئي ۽ ملڪي معيشت تي هاڪاري اثر پيا. خط ۾ ”پنهنجو ميٽر پنهنجي ريڊنگ“ جهڙن عوام دوست قدمن کي جديد ۽ جوابده طرزِ حڪمراني جو مثال قرار ڏنو ويو جيڪو توانائيءَ جي شعبي ۾ عوامي اعتماد جي بحاليءَ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. خط جي آخر ۾ وزيراعظم وفاقي وزير ۽ ان جي ٽيم کي خراجِ تحسين پيش ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته سندن مسلسل ڪوششون پاڪستان جي توانائي جي سلامتي ۽ معاشي استحڪام کي وڌيڪ هٿي ڏينديون.











