اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مضبوط ٿيندڙ ٻه طرفي لاڳاپن کي ساراهيندي ان کي هڪ تاريخي واپاري معاهدو قرار ڏنو، جيڪو نه صرف روانگي واپار ۾ واڌ جو سبب بڻجندو پر پاڪستان حڪومت جي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي پڻ آهي. مقامي نيوز چينل کي ڏنل خاص انٽرويو ۾ مملڪتي وزير ان معاهدي کي وزيراعظم شهباز شريف، نائب …
ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪيانيءَ پاران پاڪ- آمريڪا واپاري معاهدي بابت انٽرويو

مزید خبریں
اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مضبوط ٿيندڙ ٻه طرفي لاڳاپن کي ساراهيندي ان کي هڪ تاريخي واپاري معاهدو قرار ڏنو، جيڪو نه صرف روانگي واپار ۾ واڌ جو سبب بڻجندو پر پاڪستان حڪومت جي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي پڻ آهي. مقامي نيوز چينل کي ڏنل خاص انٽرويو ۾ مملڪتي وزير ان معاهدي کي وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزارت جي سالن جي محنت ۽ لڳن جو نتيجو قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هيءَ ڪاميابي حاصل ڪرڻ آسان نه هئي ۽ ان ۾ اعليٰ اختيارين جي قيادت ۽ گڏيل تعاون اهم ڪردار ادا ڪيو. بلال اظهر ٻُڌايو ته آمريڪي سيڙپڪاري جي مفادن کي ڪيترن مهينن تي ٻَڌل ملاقاتن ۽ ڳالهين ذريعي هٿي وٺرائي وئي، جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اونگزيب جون ساراهه جوڳيون ڪوششون آهن جنهن آمريڪي عملدارن سان ڪيتريون ئي اهم ملاقاتون ڪيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ هڪ سفارتي ڪاميابي آهي جيڪو ڊگهي مُدي واري معاشي ترقي جي راهه هموار ڪندو. مملڪتي وزير، وزيراعظم جي سفارتي ڪوششن کي به ساراهيو ۽ چيو ته اهي قدم پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقيءَ تي پائيدار اثر وجهندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن سان پاڪستان ۾ عوام کي فائدو پهچندو ۽ اقتصادي موقعن ۾ واڌ ٿيندي. ڀارت بابت هڪ سوال جي جواب ۾ بلال اظهر ڪياني چيو ته ڀارت جو پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جو منصوبو ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ ڀارت کي هاڻ مايوسيءَ جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيڻ بدران هاڻ هڪ مضبوط سفارتي پوزيشن ۾ آهي ۽ آمريڪا سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن سان مقبوليت حاصل ڪري رهيو آهي. هن جو ڪريڊٽ موجوده حڪومت جي ڪامياب پاليسين ۽ ملاقاتن جي مثبت نتيجن ڏانهن وڃي ٿو جنهن ۾ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير ۽ آمريڪا صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ملاقات پڻ شامل آهي. هن چيو ته اهي سفارتي ۽ واپاري ڪاميابيون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل آهن ۽ قومي سطح تي وڏين ڪاميابين جون نمائندگي ڪن ٿيون.











