ملڪ ۾ کنڊ جي مقرر اگهه تي فراهمي حڪومت جي ذميداري آهي، ملڪ ۾ کنڊ جو ڪو بحران ناهي: رانا تنوير حسين

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي مقرر اگهه تي فراهمي حڪومت جي ذميداري آهي، ملڪ ۾ کنڊ جو ڪو بحران ناهي، ڪجهه حقيقتن کي صحيح طور پيش نه پيو ڪيو وڃي، کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا جڏهن ته ريٽيل قيمت 173 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. شوگر سيڪٽر کي ڊي ريگيوليٽ …

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي مقرر اگهه تي فراهمي حڪومت جي ذميداري آهي، ملڪ ۾ کنڊ جو ڪو بحران ناهي، ڪجهه حقيقتن کي صحيح طور پيش نه پيو ڪيو وڃي، کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا جڏهن ته ريٽيل قيمت 173 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. شوگر سيڪٽر کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ تي وزيراعظم ڪميٽي جوڙي آهي. ذخيره اندوزن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته کنڊ جي دستيابيءَ جي حوالي سان حقيقتن جي ابتڙ تاثر ڏنو پيو وڃي، کنڊ جي گذريل 10 سالن کان آمدني ۽ روانگي واپار ٿيندي رهي آهي، ملڪ ۾ کنڊ جو ڪو بحران ناهي. شوگر ايڊوائيزري بورڊ ۾ ٻيا وزير ۽ سمورن صوبن مان شرڪت به ٿيندي آهي. هن چيو ته گذريل سال 68 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جي پيداوار رهي، اسان جي ضرورت 63 لک هئي، اوپننگ اسٽاڪ ملائي 13 لک واڌو اسٽاڪ موجود هو، جڏهن ته اسان روانگي واپار جي اجازت ڏني ته قيمت 750 ڊالر في ٽن هئي، ان وقت ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت 136 رپيا هئي، شوگر ملز مالڪن کي ٻيهر مارجن جي اجازت ڏني. هن چيو ته ايڪس مل قيمت 140 رپيا ۽ ريٽيل پرائيس 145 رپيا مقرر ڪئي، ان ۾ مارجن گهٽ هو پر پوءِ به اسان ٻن رپين بدران 5 رپيا ريٽيل پرائيس وڌائي. هن چيو ته رمضان ۾ کنڊ 130 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي آهي. هلندڙ سال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ کنڊ جي وڌيڪ پيداوار جو امڪان هو. موسمياتي تبديلي هيٽ ويو سبب ڪمند جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي. هن وقت کنڊ جو اسٽاڪ 20 لک ٽن موجود آهي، 15 نومبر تائين اسٽاڪ ڪافي آهي. هن چيو ته ذخيره اندوزيءَ سبب کنڊ جون قيمتون وڌيون آهن، قيمتون وڌڻ تي قدم کنيا ويا. هاڻ ايڪس مل قيمت 165 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، کنڊ جي ريٽيل قيمت 173 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٻين پاڙيسري ملڪن سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته هن وقت ڀارت ۾ کنڊ جي مارڪيٽ جو ريٽ 150 رپيا، بنگلاديش ۾ 177 رپيا، افغانستان ۾ 183 رپيا، ايران ۾ 250 رپيا جڏهن ته پاڪستان ۾ 173 رپيا في ڪلو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ کنڊ موجود آهي ۽ قيمتون به مناسب آهن. وفاقي وزير چيو ته کنڊ جي روانگي واپار آڪٽوبر 24ع ۾ شروع ٿي هئي. روانگي واپار شروع ٿيڻ کان 20 ڏينهن پوءِ ڪرشنگ سيزن شروع ٿي چڪي هئي. حڪومت طرفان 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، اسان هڪ لک ٽن جو ٽينڊر جاري ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جي گهرن ۾ کنڊ جو استعمال 20 سيڪڙو آهي، ڪمرشل سيڪٽر ۾ کنڊ جي کپت 80 سيڪڙو آهي. هن چيو ته کنڊ جي روانگي واپار جي سمري اي سي سي ۽ ڪابينه ۾ به موڪلي وئي هئي. جنوريءَ ۾ 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ جي ايڪسپورٽ روڪي ڇڏي هئي. هن چيو ته اسان کي 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ امپورٽ جي اجازت آهي پر اسان وڌ کان وڌ 3 لک ٽن کنڊ درآمد ڪنداسين. کنڊ جي درآمد تي اسان 150 ملين ڊالر خرچ ڪنداسين. هن وقت تائين اسان هڪ لک ٽن کنڊ جي درآمد جو ٽينڊر جاري ڪيو آهي. هن چيو ته شوگر ملز ايسوسيئيشن سان ٻن کان ٽن مهينن لاءِ ايگريمينٽ ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم واضح چيو آهي ته شوگر مافيا جو هاڻ بندوبست ڪرڻو آهي. ان حوالي سان ڪابه رعايت نه ڏني ويندي. ملڪ ۾ کنڊ جي مناسب اگهن تي فراهمي حڪومت جي ذميداري آهي. هن چيو ته شوگر سيڪٽر کي دي ريگيوليٽ ڪرڻ تي وزيراعظم هڪ ڪميٽي جوڙي آهي.

مزید خبریں