مشال اعظم ڪي پي ڪي اسيمبليءَ ۾ عورتن جي خالي سيٽ تي سينيٽر چونڊجي وئي

پشاور-31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار مشال اعظم ڪي پي ڪي اسيمبليءَ ۾ ننڍي چونڊ دوران عورتن جي خالي ٿيل سيٽ تي سينيٽر چونڊجي وئي. هي سيٽ سينيٽر ثانيه نشتر جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿي هئي. ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ لاءِ چونڊ ٿي.  صوبائي اليڪشن ڪميشن موجب مشال اعظم عورتن جي خالي سيٽ تي سينيٽر چونڊجي وئي. ڪي پي ڪي …

پشاور-31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار مشال اعظم ڪي پي ڪي اسيمبليءَ ۾ ننڍي چونڊ دوران عورتن جي خالي ٿيل سيٽ تي سينيٽر چونڊجي وئي. هي سيٽ سينيٽر ثانيه نشتر جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿي هئي. ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ لاءِ چونڊ ٿي.  صوبائي اليڪشن ڪميشن موجب مشال اعظم عورتن جي خالي سيٽ تي سينيٽر چونڊجي وئي. ڪي پي ڪي جي صوبائي اليڪشن ڪمشنر سعيد گل ۽ ٻين پولنگ آفيسرن سان گڏ چونڊ عمل جي نگراني ڪئي. ڪل 5 اميدوارن چونڊن ۾ حصو ورتو. چونڊ صبح 9 وڳي شروع ٿي جيڪا 4 وڳي تائين جاري رهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي، مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر عباس خان ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن ووٽ وڌا. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڳڻپ شروع ڪئي وئي، پي ٽي آءِ مشال اعظم يوسف کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته ٻين سياسي پارٽين جا اميدوار به ميدان ۾ هئا.

مزید خبریں