فيصل آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) دهشتگردي ٽوڙ واري خاص عدالت جي جج جاويد اقبال شيخ 9 مئي جي ڪيسن جو فيصلو ٻُڌائي ڇڏيو ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب، سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز، زرتاج گل، صاحبزاده حامد رضا ۽ ٻين کي سزا ٻُڌائي وئي. استغاثه موجب سول لائين ٿاڻي جي پوليس حساس اداري جي آفيس تي حملي جي الزام ۾ 185 …
دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت 9 مئي جي ڪيسن جو فيصلو ٻُڌائي ڇڏيو، 108 ملزمن کي سزا، 77 آزاد، عمر ايوب، شبلي فراز، زرتاج گل، صاحبزاده حامد رضا سزا ماڻيندڙن ۾ شامل

مزید خبریں
فيصل آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) دهشتگردي ٽوڙ واري خاص عدالت جي جج جاويد اقبال شيخ 9 مئي جي ڪيسن جو فيصلو ٻُڌائي ڇڏيو ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب، سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز، زرتاج گل، صاحبزاده حامد رضا ۽ ٻين کي سزا ٻُڌائي وئي. استغاثه موجب سول لائين ٿاڻي جي پوليس حساس اداري جي آفيس تي حملي جي الزام ۾ 185 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو. عدالت جي جج ان ڪيس ۾ 108 ملزمن کي سزا ٻُڌائي، جڏهن ته 77 ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان ڪيس ۾ فاضل جج قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز، زرتاج گل، صاحبزاده حامد رضا سميت 107 ملزمن کي 10-10 سزا قيد جي سزا ٻُڌائي، جڏهن ته هڪ ملزم جنيد افضل ساهي کي 3 سال قيد جي سزا ٻُڌائي وئي. ان ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو ٽرائل اڃا تائين مڪمل نه ٿيو، جڏهن ته سول لائين ڪيس ۾ فواد چوڌري، زين قريشي ۽ خيال ڪاسترو کي آزاد ڪيو ويو. غلام محمد آباد ٿاڻي جي پوليس به 9 مئي تي ٿاڻي کي گهيرو ڪرڻ ۽ باهه لڳائڻ جي الزام ۾ 67 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو. ان ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج 60 ملزمن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻُڌائي، جڏهن ته 7 ملزمن کي آزاد ڪري ڇڏيو. سول لائين پوليس جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ عدالت جي جج 32 ملزمن جو ٽرائل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 28 ملزمن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻُڌائي. جڏهن ته 4 ملزمن کي آزاد ڪيو ويو. سول لائين ٿاڻي جي پوليس هي ڪيس 9 مئي جي فسادن دوران هڪ سرڪاري گاڏيءَ کي باهه ڏيڻ جي الزام ۾ داخل ڪيو هو.











