اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام گذريل ڏينهن 5 آگسٽ کي يوم استحصال ڪشمير جي تيارين جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ان ڏينهن کي موثر طور تي ملهائڻ لاءِ هم آهنگي سان ڪم ڪن. هتي جاري بيان موجب وفاقي وزيرن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت ۽ …
پاڪستاني قوم ڄمون ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام گذريل ڏينهن 5 آگسٽ کي يوم استحصال ڪشمير جي تيارين جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ان ڏينهن کي موثر طور تي ملهائڻ لاءِ هم آهنگي سان ڪم ڪن. هتي جاري بيان موجب وفاقي وزيرن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت ۽ مختلف ادارن جي نمائندن وفاقي وزير کي يوم استحصال ڪشمير جي تيارين تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي انجنيئر امير مقام چيو ته ڪشميري عوام جو آواز سڄي دنيا تائين پهچايو ويندو ۽ پاڪستاني قوم ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. انجنيئر امير مقام لاڳاپيل سمورن ادارن کي هدايت ڪئي ته هو يوم استحصال کي موثر انداز ۾ ملهائڻ لاءِ گڏيل هم آهنگي سان ڪم ڪن ۽ عوام جي وڌ کان وڌ شموليت کي يقيني بڻائين. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت جا قدم عالمي قانونن، ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي مڪمل ڀڃڪڙي آهن. هن چيو ته هن سال يوم استحصال جي اهميت پاڪستان جي آپريشن بنيان المرصوص ۾ ڪاميابي جي ڪري ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان بهادر ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏ بيٺل آهي جيڪا ڀارتي قابض فوج جي ظلم ۽ ستم، اڻبرابري واري سلوڪ ۽ ناانصافي باوجود پاڪستان سان الحاق جي پنهنجي خواب جي تڪميل لاءِ تاريخي جدوجهد ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ پرڏيهي معاملن واري وزارت، سڌ سماءَ واري وزارت، گهرو معاملن واري وزارت، دفاع واري وزارت، مواصلات واري وزارت، تعليم واري وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت، پي آءِ ڊي، پي ٽي وي، اي پي پي، پي بي سي، پيمرا، سي ڊي اي، پي ٽي اي، ڪمشنر آفيس اسلام آباد، ڪمشنر آفيس راولپنڊي ۽ اسلام آباد پوليس جا نمائندا به شريڪ ٿيا.











