اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ الجزائر جي سفير ڊاڪٽر براهم روماني سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ الجزائر وچ ۾ معاشي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ آفريقا ۽ يورپ ۾ پاڪستان جي واپاري اثر رسوخ کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ توانائي جي شعبي ۾ …
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي پاڪستان ۾ الجزائر جي سفير ڊاڪٽر براهم روماني سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ الجزائر جي سفير ڊاڪٽر براهم روماني سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ الجزائر وچ ۾ معاشي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ آفريقا ۽ يورپ ۾ پاڪستان جي واپاري اثر رسوخ کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ آفريقا کي واپاري نمائشن ۾ شرڪت جهڙا اهم نقطا بحث هيٺ آيا. الجزائر جي سفير واپار واري وزير کي ٻڌايو ته الجزائر آفريقا جي ٽئين وڏي معيشت بڻجي چڪو آهي ۽ يورپ کي گئس فراهم ڪندڙ اهم ملڪ آهي جيڪو سمنڊ جي هيٺان پائيپ لائينز ذريعي اٽلي، اسپين ۽ تيونس تائين توانائي پهچائي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته يورپ، ايشيا ۽ وچ اوڀر جا ڪيترائي ملڪ الجزائر ۾ توانائي جي شعبي ۾ 40 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو منصوبو رکن ٿا. هن پاڪستان کي الجزائر جي تيل، گئس، هائيڊروجن ۽ بجلي جي وڏن ذخيرن مان فائدو کڻندي ان شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. سفير وڌيڪ چيو ته الجزائر جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ ترقي يافته انفرا اسٽرڪچر پاڪستان لاءِ آفريقي مارڪيٽن تائين پهچ جو گيٽ وي فراهم ڪري ٿو، جتي 10 کان وڌيڪ آفريقي ملڪن تائين زميني ۽ فضائي رابطا موجود آهن، جڏهن ته الجزائر جا ڪيترن ئي آفريقي ۽ عرب ملڪن سان واپاري معاهدا پڻ آهن. ملاقات دروان سفير پاڪستان کي الجزائر ۾ 4 کان 10 سيپٽمبر 2025ع تائين منعقد ٿيندڙ پهرين INTRA-AFRICA Trade Fair ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ان عالمي نمائش ۾ 140 ملڪن جا 2 هزار کان وڌيڪ نمائشي ادارا، عالمي مالياتي ادارا، ترقياتي بئنڪون ۽ صنعتي اڳواڻ شرڪت ڪندا. واپار واري وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان جي ”لڪ آفريقا“ پاليسي تحت آفريقي معيشتن سان موثر واپاري سفارتڪاري ذريعي رابطا وڌائڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۽ الجزائر وچ ۾ گڏيل واپار 43.93 ملين ڊالر آهي جنهن ۾ پاڪستان جي ايڪسپورٽ 17.19 ملين ڊالر آهي. ملاقات ۾ گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ، نئين سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۽ آفريقا سميت عالمي پليٽ فارمز تي سهڪار واري عمل کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.











