وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال طرفان فورٿ آرٽيڪل سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ تي قوم کي مبارڪون

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال فورٿ آپٽيڪل ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ تي سموري قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته وطن واسين ۽ سڄي پاڪستاني قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيڻ چاهيان ٿو ته اڄ الحمد الله پاڪستان جو فورٿ آپٽيڪل سيٽلائيٽ چين ۾ ڪاميابي سان لانچ ٿيو ۽ حفاظت سان پنهنجي …

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال فورٿ آپٽيڪل ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ تي سموري قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته وطن واسين ۽ سڄي پاڪستاني قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيڻ چاهيان ٿو ته اڄ الحمد الله پاڪستان جو فورٿ آپٽيڪل سيٽلائيٽ چين ۾ ڪاميابي سان لانچ ٿيو ۽ حفاظت سان پنهنجي مدار ۾ پهچي ويو آهي، اها ڪاميابي پاڪستان جي خلائي پروگرام جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي. هن چيو ته اسان جو ويزن آهي ته پاڪستان کي ٻيهر اسپيس ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هڪ قائداڻو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ جي صف ۾ شامل ڪريون، انشاءُ الله ايندڙ سال پاڪستان جو پهريون خلا باز چين جي سهڪار سان خلا ۾ ويندو ۽ خلائي اسٽيشن تي قدم رکندو، اسان جو هدف آهي ته 2035ع تائين پاڪستان چنڊ تي مشن ڪاميابي سان مڪمل ڪري. وفاقي وزير سيٽلايٽ مشن جي ڪامياب تڪميل تي اسپارڪو جي ٽيم، انجنيئرز ۽ سائسندانن کي به ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو جن ڏينهن رات محنت سان ان قومي مشن کي ڪامياب بڻايو. پروفيسر احسن اقبال چين جي سهڪار تي ٿورو مڃيندي چيو ته اسان پنهنجي دوست ملڪ چين جي بي مثال سهڪار تي دل جي گهراين سان ٿورو مڃون ٿا، جيڪو هر قدم ۽ هر شعبي ۾ پاڪستان جي ترقي واري سفر ۾ اسان سان گڏ بيٺل آهي.

مزید خبریں