پاڪستان جي خلائي ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ تاريخي اڳڀرائي، مشاهداتي سيٽلائيٽ ڪاميابي سان خلا ۾ روانو

بيجنگ-31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان خلائي ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ هڪ تاريخي اڳڀرائي ڪندي پنهنجي چوٿين زمين جي مشاهداتي سيٽلائيٽ کي ڪاميابي سان خلا ۾ روانو ڪري ڇڏيو، هي سيٽلائيٽ پاڪستان ۽ سندس پراڻي ۽ ڀروسي جوڳي حصيدار چين جي گڏيل تعاون سان تيار ڪيو ويو آهي. ان تاريخي لمحي جي تقريب ۾ رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال خاص مهمان طور شريڪ ٿيو …

بيجنگ-31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان خلائي ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ هڪ تاريخي اڳڀرائي ڪندي پنهنجي چوٿين زمين جي مشاهداتي سيٽلائيٽ کي ڪاميابي سان خلا ۾ روانو ڪري ڇڏيو، هي سيٽلائيٽ پاڪستان ۽ سندس پراڻي ۽ ڀروسي جوڳي حصيدار چين جي گڏيل تعاون سان تيار ڪيو ويو آهي. ان تاريخي لمحي جي تقريب ۾ رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال خاص مهمان طور شريڪ ٿيو ۽ ان ڪامياب مشن کي ڏٺو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته هيءَ رڳو هڪ فني ڪاميابي ناهي پر هڪ اهڙو لمحو  آهي جيڪو اسان جي قومي حوصلي کي بلند ڪري ٿو ۽ پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي آسمان کان به اونچو درجو ڏي ٿو. هن چيو ته اڄ اسان رڳو هڪ سيٽلائيٽ نه پر هڪ ويزن کي لانچ ڪري رهيا آهيون، هڪ اهڙو ويزن جيڪو پاڪستان کي خلائي سائنس ۾ رهنما ملڪ طور اڀاري ٿو، هڪ اهڙو پاڪستان جيڪو جديد تحقيق، مضبوط حصيدارين ۽ پنهنجي صلاحيتن تي پختي يقين سان طاقت حاصل ڪري ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو هدف آهي ته 2035ع تائين هڪ پاڪستاني خلائي مشن چنڊ تي پهچي ويندو، هي خواب نه رڳو نوجوانن لاءِ هڪ تحريڪ آهي پر پاڪستان کي عالمي خلائي معيشت ۾ هڪ بااثر ڪردار ڏيڻ جو بنياد به آهي. هن ياد ڏياريو ته پاڪستان جو خلائي سفر نئون ناهي. 1961ع ۾ اسپارڪو قائم ٿيڻ سان گڏ پاڪستان انهن ڪجهه اسرندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي ويو جن خلائي ٽيڪنالاجي کي مستقبل لاءِ اهم سمجهيو، اڄ جي ڪاميابي انهي تسلسل جو نتيجو آهي. هن چيو ته بدر -1 (1990ع) کان وٺي  PakTES-1A (2018ع)، PAKSAT-1R  (2011ع) ۽ PAKSAT-MM1 (2024ع) تائين پاڪستان مسلسل ترقي ڪئي ۽ اڄ جو مشن ان سلسلي جو هڪ ٻيو سونهري باب آهي. وفاقي وزير پاڪ چين دوستي جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان جي اڳواڻن ان دوستي کي هماليه کان اونچي، سمنڊن کان اونهي ۽ ماک کان مٺو قرار ڏنو آهي، اڄ هي دوستي آسمان کان به اونچي ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته چين هر شعبي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، چاهي دفاع هجي، معيشت، توانائي يا انفرا اسٽرڪچر، سي پيڪ ذريعي روڊ، توانائي جا منصوبا ۽ صنعتي زون قائم ڪيا ويا، هاڻي اسان ان حصيداري کي خلا تائين سگهه ڏئي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته هن سال جي شروعات ۾ Electro-Optical سيٽلائيٽ (اي او – 1) به خلا ۾ موڪليو هو، جڏهن ته PAKSAT-1R ۽ PAKSAT-MM1 پاڪستان جي ٽيلي ڪميونيڪيشن، نشريات ۽ ڊجيٽل رابطن ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪيو. هاڻي جديد GIS سسٽمز جي عيوض زراعت، پاڻي جي انتظام ۽ شهري رٿابندي ۾ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان جي CNSA(چائنا نيشنل اسپيس ايجنسي) سان دوستي، Roscosmos سان تعاون ۽ APSCO ۽ ISNET ۾ شموليت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان عالمي خلائي برادري ۾ هڪ فعال ميمبر بڻجي چڪو آهي. وفاقي وزير چيو ته ان سيٽلائيٽ جي ڪري پاڪستان جي ريموٽ سينسنگ ۽ امچنگ صلاحيتون مضبوط ٿينديون، قدرتي آفتن، خوراڪ جي حفاظت ۽ شهري رٿابندي لاءِ بهتر فيصلا ممڪن ٿيندا، ڊيٽا تي ٻڌل پاليسي سازي کي هٿي ملندي ۽ سڀني کان وڌيڪ پاڪ چين دوستي خلا تائين پهچي ويندي. وفاقي وزير چين جي حصيدارن خاص ڪري BOMETEC، CETC انٽرنيشنل ۽ MicroSAT جي ڀرپور مدد کي ساراهيو ۽ چيو ته هي منصوبو ٻنهي حڪومتن وچ ۾ اعتماد ۽ گڏيل سهڪار جو هڪ اعليٰ مثال آهي. هن واضح ڪيو ته عالمي خلائي معيشت 2040ع تائين هڪ ٽريلين ڊالرن کان وڌي ويندي ۽ پاڪستان ان ميدان ۾ چين جي مدد ۽ پنهنجي اڀرندڙ صلاحيتن مان فائدو کڻندو. هن چيو ته اسان پنهنجي سيٽلائيٽ ڪونسٽيليشن کي سگهه ڏينداسين، خلائي تحيقق ۽ STEM تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪنداسين، چين سان گڏيل خلائي مشن لانچ ڪنداسين ۽ چنڊ تي پاڪستاني خلائي جهاز جي مشن کي عملي جامو پارائينداسين. وفاقي وزير سمورن انجنيئرن، سائنسدانن ۽ ٽيم جي ميمبرن کي ان تاريخي ڪاميابي تي خراج تحسين پيش ڪيو. احسن اقبال چيو ته پاڪ چين دوستي هاڻي سرحدن، سمنڊ يا زمين تائين محدود ناهي پر هي هاڻي خلا ۾ به روشن آهي، هي سيٽلائيٽ پاڪستاني قوم جي اميد ۽ عزم جو نشان آهي.هن چيو ته عظيم قومون صرف ستارن جا خواب ناهن ڏسنديون پر انهن تائين پهچڻ لاءِ راڪيٽ به ٺاهينديون آهن، نئين ايجاد اسان جي رهنمائي ڪندي، سهڪار اسان جي قوت بڻجندو ۽ عزم اسان جو ٻارڻ هوندو، پاڪستان ۽ چين گڏجي چنڊ کي ڇهُندا، مريخ جي کوج ڪنداسين ۽ ڪائنات جون لامحدود شيون ڳولينداسين.

مزید خبریں