وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ لاءِ جاري ٻه طرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انساني حقن واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي وزارت جو سيڪريٽري عبدالخالق شيخ پڻ موجود هو. ملاقات ۾ …

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ لاءِ جاري ٻه طرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انساني حقن واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي وزارت جو سيڪريٽري عبدالخالق شيخ پڻ موجود هو. ملاقات ۾ ڌُرين انساني حقن جي فراهمي ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ حقن تي ٻَڌل جامع حڪمراني جي بهترين عالمي تجربن جي مٽاسٽا تي زور ڀريو. هاءِ ڪمشنر انساني حقن جي قانونن، پاليسين ۽ اداره جاتي سڌارن جي حوالي سان پاڪستان جي تازي اڳڀرائي کي ساراهيو. هن ڪمزور ۽ محروم طبقن جي حقن جي تحفظ لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. وفاقي وزير، هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان طرفان سمورن طبقن لاءِ جامع انساني حقن جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن وزارت جي اهم قدمن کان آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته انساني حقن بابت قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جاري آهي جن جي 6 اسٽريٽجڪ شعبن ۾ قانوني سڌارن، انصاف تائين پهچ، اداره جاتي مضبوطي ۽ عالمي معاهدن تي عملدرآمد شامل آهن. وفاقي وزير ويجهڙ ۾ قانونسازي ۽ ساخت وارن سڌارن کان به آگاهه ڪيو. ان ۾ موت جي سزا بابت اڳڀرائي شامل آهي، جن ۾ ويجهڙ ۾ سينيٽ مان منظور ٿيل ترميمون به شامل آهن جن تحت ڏوهن لاءِ موت جي سزا کي ختم ڪري سخت سزائن ۽ قانوني خدشن کي متعارف ڪرايو ويو آهي. ٻين اهم قدمن ۾ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري چائلڊ ميري ري اسٽرينٽ ايڪٽ 2025ع ذريعي گهٽ عمر جي شادين خلاف خدشن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويو آهي ۽ نيشنل ڪميشن فار منارٽيز رائٽس بل 2025ع جي منظوري شامل آهي. وفاقي وزير مذهبي اقليتن بابت حساس قانونن جهڙوڪ توهين مذهب جي غلط استعمال تي رياستي ردِعمل ۽ ان حوالي سان قانوني ۽ اداره جاتي سڌارن تي به روشني وڌي. ڌُرين انساني حقن جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ مساوات، شموليت ۽ وقار جهڙن گڏيل اصولن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل ڀائيواري جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں