اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان پارليامينٽ هائوس ۾ مختلف سينيٽرن، سياسي ۽ پارلياماني اڳواڻن ۽ ملڪ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ نمائندن ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ سينيٽر نديم احمد ڀٽو، سينيٽر عبدالشڪور خان، سينيٽر نورالحق قادري، سينيٽر دنيش ڪمار، علي اڪبر گجر، بلوچستان جو وزير اسفند يار ڪاڪڙ سميت ٻيا اهم اڳواڻ شامل هئا. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ملڪي …
سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان پارليامينٽيرينز ۽ ملڪ جي مختلف علائقن جي نمائندن جي وفدن جون ملاقاتون

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان پارليامينٽ هائوس ۾ مختلف سينيٽرن، سياسي ۽ پارلياماني اڳواڻن ۽ ملڪ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ نمائندن ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ سينيٽر نديم احمد ڀٽو، سينيٽر عبدالشڪور خان، سينيٽر نورالحق قادري، سينيٽر دنيش ڪمار، علي اڪبر گجر، بلوچستان جو وزير اسفند يار ڪاڪڙ سميت ٻيا اهم اڳواڻ شامل هئا. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ملڪي سياسي منظرمي، معاشي چئلينجز، قومي سلامتي ۽ خاص ڪري سڄي ملڪ ۾ امن ۽ ترقيءَ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جاري ترقياتي رٿائن، عوامي فلاح ۽ بهبود بابت اسڪيمن، امن امان جي صورتحال ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ تي پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. وقتي چيئرمين وفد کي خاطري ڪرائيندي چيو ته سينيٽ نه صرف سمورن وفاقي ايڪن جي برابر نمائندگي جي ضامن آهي، پر اهو اهڙو پليٽ فارم آهي جتي قومي مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪجي ٿي ۽ هر علائقي جي آواز کي هڪجهڙي اهميت آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام جي درپيش مسئلن لاءِ جٽادار حل تلاش ڪيا وڃن، خاص طور تي اهي علائقا جيڪي ماضيءَ ۾ نظرانداز ڪيا ويا. بين الصوبائي هم آهنگي، پارلياماني شفافيت ۽ سياسي بحث کي هٿي وٺرائڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي ته جيئن هڪ متحد، خوشحال ۽ مستحڪم پاڪستان جو بنياد رکي سگهجي. ملاقات جي پڄاڻي تي سيدال خان سمورن شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته اهڙيءَ طرح جا مشاورتي اجلاس نه صرف عوامي مسئلن کي اجاگر ڪن ٿا پر سندن حل لاءِ گڏيل اتفاق راءِ کي هٿي وٺرائين ٿا.











