گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران اربعين تي ويندڙ زائرين لاءِ سفري مشڪلاتن تي سخت ڳڻتي جو اظهار

پشاور-30 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اربعين تي ويندڙ زائرين لاءِ سفري مشڪلاتن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان مطابق گورنر چيو ته سيڪيورٽي جي حالتن سبب اربعين ويندڙن کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن جنهن جو حل ڪڍڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته رستن جي بندش ۽ مشڪلاتن سبب هزارين مسلمان شديد ذهني …

پشاور-30 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اربعين تي ويندڙ زائرين لاءِ سفري مشڪلاتن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان مطابق گورنر چيو ته سيڪيورٽي جي حالتن سبب اربعين ويندڙن کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن جنهن جو حل ڪڍڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته رستن جي بندش ۽ مشڪلاتن سبب هزارين مسلمان شديد ذهني پريشاني ۾ مبتلا آهن جنهن جي تدارڪ لاءِ فوري قدم نه کڻڻ انتهائي زيادتي هوندي.