بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ سينيٽر انوشه رحمان جي ملاقات

ڪوئيٽا-30 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڪامرس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئر پرسن سينيٽر انوشه رحمان ملاقات ڪئي. سينيٽر عبدالقادر، سينيٽر محسن عزيز، سينيٽر منظور احمد ڪاڪڙ، سينيٽر ثمينه ممتاز زهري، سينيٽر احمد خان خلجي، سينيٽر عمر گورگيج، سينيٽر جان محمد بليدي، سينيٽر راڻا محمود الحسن، سينيٽر راحت جمالي ۽ سينيٽر بلال خان مندوخيل …

ڪوئيٽا-30 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڪامرس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئر پرسن سينيٽر انوشه رحمان ملاقات ڪئي. سينيٽر عبدالقادر، سينيٽر محسن عزيز، سينيٽر منظور احمد ڪاڪڙ، سينيٽر ثمينه ممتاز زهري، سينيٽر احمد خان خلجي، سينيٽر عمر گورگيج، سينيٽر جان محمد بليدي، سينيٽر راڻا محمود الحسن، سينيٽر راحت جمالي ۽ سينيٽر بلال خان مندوخيل به ان موقعي تي موجود هئا. وڏي وزير، سينيٽرن کي ڪوئيٽا آمد تي سندن آجيان ڪندي چيو ته پهرين ڀيرو ڪميٽي جو اجلاس ڪوئيٽا ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، جيڪو هڪ سٺو سئنوڻ آهي. ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، ترقياتي ۽ عوامي فلاح ۽ بهبود جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.