پاڪستان پاران ڀارتي ليڊرن پاران لوڪ سڀا ۾ نام نهاد ”آپريشن سنڌُور“ تي بحث دوران ڪيل بي بنياد دعوائُون ۽ اشتعال انگيز بيان رد

اسلام آباد – 30 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي ليڊرن پاران لوڪ سڀا ۾ نام نهاد ”آپريشن سنڌُور“ تي بحث دوران ڪيل بي بنياد دعوائن ۽ اشتعال انگيز بيانن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته اهي بيان حقيتن کي مسخ ڪرڻ، جارحيت کي جواز ڏيڻ ۽ ذاتي مقصدن جي لاءِ تڪرارن کي ساراهڻ جي خطرناڪ روش جي عڪاسي ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس …

اسلام آباد – 30 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي ليڊرن پاران لوڪ سڀا ۾ نام نهاد ”آپريشن سنڌُور“ تي بحث دوران ڪيل بي بنياد دعوائن ۽ اشتعال انگيز بيانن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته اهي بيان حقيتن کي مسخ ڪرڻ، جارحيت کي جواز ڏيڻ ۽ ذاتي مقصدن جي لاءِ تڪرارن کي ساراهڻ جي خطرناڪ روش جي عڪاسي ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارتي پارليامينٽ ۾ آپريشن سنڌُوور تي بحث جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن تي ردعمل ڏيندي ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي ليڊرن پاران لوڪ سڀا ۾ نام نهاد ”آپريشن سنڌُور“ تي بحث دوران ڪيل بي بنياد دعوائن ۽ اشتعال انگيز بيانن کي سختي سان رد ڪري ٿو، اهي بيان حقيقتن کي مسخ ڪرڻ، جارحيت کي جواز ڏيڻ ۽ ذاتي مقصدن جي لاءِ تڪرارن کي ساراهڻ جي خطرناڪ روش جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجمان چيو ته دنيا ڄاڻي ٿي ته ڀارت پهلگام حملي بابت ڪي به قابل تصديق ثبوت يا معتبر جاچ کانسواءِ پاڪستان تي حملو ڪيو، 6 ۽ 7 مئي 2025ع جي وچ واري رات ڀارت نام نهاد دهشتگرد ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي نتيجي ۾ حقيقت ۾ معصوم مردن، عورتن ۽ ٻارن جي شهادت ٿي، ڀارت پنهنجي ڪنهن به اسٽريٽجڪ مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيو. ٻئي طرف پاڪستان پاران ڀارتي ويڙهاڪ جهازن ۽ فوجي هدفن کي ناڪاره بڻائڻ ۾ حاصل ڪيل شاندار ڪاميابي هڪ ناقابل ترديد حقيقت آهي، ڀارتي حڪمرانن کي پنهنجي عوام کي گمراهه ڪرڻ بدران پنهنجي هٿياربند فوج جي نقصانن ۽ جنگبندي کي ممڪن بڻائڻ ۾ ٽئين ڌر جي فعال ڪردار کي تسليم ڪرڻ گهرجي، ڀارت پهلگام حملي جي شفاف ۽  آزاداڻي جاچ جي لاءِ پاڪستان جي وزيراعظم جي فوري پيش ڪيل ان موقعي مان فائدو نه کنيو پر هن جارحيت ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪيو، هن پاڻ کي جج، وڪيل ۽ منصف سڀ بڻائي ڇڏيو، ان پس منظر ۾ نام نهاد ”آپريشن مهاديو“ جي حوالي سان ڪا به دعويٰ اسان جي لاءِ ڪا اهميت نه ٿي رکي، ڀارتي گهرو وزير جو بيان ڪوڙ سان ڀرپور آهي جنهن جي ڪري ان جي ساک تي سوال اٿن ٿا، ڇا اهو رڳو اتفاق آهي ته پهلگام حملي جا نام نهاد ڏوهاري لوڪ سڀا بحث جي شروع ۾ ئي ماريا ويا؟ ترجمان چيو ته اسان ڀارت پاران ٻطرفي لاڳاپن ۾ ”نيو نارمل“ قائم ڪرڻ بابت مسلسل بيانن کي پڻ واضح طور تي رد ڪريون ٿا، جيئن ته اسان مئي 2025ع ۾ پنهنجي فيصلائتي ڪاررواين جي ذريعي ثابت ڪيو آهي، اسان ڪنهن به مستقبل جي جارحيت جو سختي سان مقابلو ڪنداسين، اسان جي لاءِ ٻطرفي لاڳاپن ۾ واحد ”نارمل“ خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن تي عملدرآمد آهي، ڀارت جي پاڪستان پاران ”ائٽمي بليڪ ميلنگ“ جي نام نهاد دعويٰ هڪ گمراهه ڪندڙ ۽ خودغرض بيانيو آهي، جيڪو پنهنجي جارحيت کي لڪائڻ ۽ الزام پاڪستان تي هڻڻ جي ڪوشش آهي، اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته پاڪستان روايتي صلاحيتن جي ذريعي ڀارت کي روڪيو جيڪو اهو ظاهر ڪري ٿو ته نظم ۽ ضبط ۽ تحمل اسان جا رهنما اصول آهن. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي اڳواڻن جي سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان غلط بيانين تي پڻ پنهنجي ناراضگي رڪارڊ تي آڻڻ چاهيون ٿا. ڀارت جو معاهدي کي معطل ڪرڻ جو فيصلو عالمي معاهدن جي روح جي خلاف آهي ۽ خطي ۾ تعاون جي هڪ بنيادي ٿنڀ کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي، هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم تي فخر ڪرڻ بدران ڀارت کي فوري طور تي پنهنجي حصي جي ذميوارين کي پورو ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته ڀارت جو ڪوڙ، جنوني پڻي ۽ خود نمائي تي ڀاڙڻ ڏکڻ ايشيا کي غيرمستحڪم ڪرڻ لاءِ خطرو آهي جڏهن ته هڪ ذميوار ملڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان امن، علائقائي استحڪام ۽ سمورن حل طلب مسئلن بشمول ڄمون ۽ ڪشمير جي بنيادي تڪرار جي حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پرعزم آهي.