پي ٽي آءِ جي سياسي ساک ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي: رانا مشهود احمد

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته علي امين گنڊاپور سياسي مقصدن لاءِ انتهائي غير ذميداراڻين ڳالهين ۽ دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ بابت تمام گهڻيون تڪراري ڳالهيون ڪيون آهن، ان جو ڪارڻ پي ٽي آءِ جي مسلسل ناڪامي ۽ پارٽي ليڊرشپ ۾ انتها درجي جي ڌڙابندي آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان موجب رانا مشهود احمد ڪي پي …

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته علي امين گنڊاپور سياسي مقصدن لاءِ انتهائي غير ذميداراڻين ڳالهين ۽ دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ بابت تمام گهڻيون تڪراري ڳالهيون ڪيون آهن، ان جو ڪارڻ پي ٽي آءِ جي مسلسل ناڪامي ۽ پارٽي ليڊرشپ ۾ انتها درجي جي ڌڙابندي آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان موجب رانا مشهود احمد ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي 29 جولاءِ تي هڪ ڪانفرنس ۾ ڳالهين تي ردِعمل ظاهر ڪندي چيو ته علي امين گنڊاپور انتهائي غير ذميداراڻيون ڳالهيون ڪيون ۽ دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ بابت تمام گهڻيون تڪراري ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته علي امين گنڊاپور جي ڳالهين جو پسِ منظر اهو آهي ته گذريل ڪجهه عرصي کان پي ٽي آءِ جي رويي ۽ عمران خان جي سوشل ميڊيا ايڪس تي پوسٽن ۾ مسلسل مايوسي، فوج خلاف بغض ۽ نفرت جو اظهار شروع ٿي ويو آهي. ان جو بنيادي ڪارڻ پي ٽي آءِ جي ڏينهون ڏينهن گهٽجندڙ سياسي ساک آهي، ڇاڪاڻ ته کيس 5 آگسٽ واري مهم ۾ ڪا جان نظر اچي رهي آهي نه ئي پارٽيءَ اندر ڪا هلچل آهي، ٻارن کي لانچ ڪرڻ جو منصوبو پڻ فلاپ ٿي چڪو آهي ۽ پارٽي ليڊرشپ انتها درجي جي ورهاست ۽ ڌڙابندي جو شڪار آهي. هن چيو ته پارٽيءَ اندر به وڏي وزير جي سخت مخالفت آهي ۽ انتهائي مايوس ڪندڙ گورننس ۽ حد درجي جي ڪرپشن سبب وڏي وزير تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي، عوامي سروي علي امين گنڊاپور کي هڪ ناڪام ترين وڏو وزير پيش ڪري رهي آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ جي حڪومت صوبي ۾ هر محاذ تي پوريءَ طرح ناڪام ٿي چڪي آهي ان لاءِ اهو سڀ ڪجهه چوڻ سياسي شهادت ٿي سگهي ٿي ته جيئن حڪومت کان ٻاهر وڃي ان ئي سياسي شهادت تي ئي سياست ڪري سگهجي، اهو ممڪن آهي ته سياسي شهادت کي يقيني بنائڻ لاءِ مستقبل ۾ وڏو وزير ۽ پي ٽي آءِ ان کان به وڌيڪ ڪِريل ڳالهيون ۽ حرڪتون ڪن. هن چيو ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي ڪرپشن جي بازار گرم رکڻ لاءِ علي امين گنڊاپور پنهنجي سيٽ جي قرباني ڪڏهن به نه ڏي ۽ اهي چِڙ ڏيارڻ وارا بيان صرف پنهنجي ناڪام گورننس تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هجن ته جيئن سڄو ڌيان فوج طرف رهي ۽ صوبائي حڪومت پنهنجي ڦرلٽ جاري رکي. هن چيو ته ان ڳالهه کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته آپريشن سندور ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ پي ٽي آءِ پنهنجي آقائن جي چوڻ تي عوام ۽ فوج ۾ بدگماني پيدا ڪرڻ جي پنهنجي پُراڻي ايجنڊا عمل ۾ آڻي ڇڏي هجي، ڇاڪاڻ ته ويجهي ماضيءَ ۾ حق جي ويڙهه کانپوءِ پي ٽي آءِ ٻيهر فوج مخالف ايجنڊا تي پوري طرح گامزن آهي. هن چيو ته ان ڳالهه کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته پي ٽي آءِ طرفان هڪ ملي ڀڳت هجي ته پي ٽي آءِ باني لاءِ ڪجهه گنجائش پيدا ڪري سگهجي، ڇو جو اڃا اڳتي جي ايڇ ڪيو حملي جهڙن اهم ڪيسن جو فيصلو اچڻو باقي آهي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪا چال اڃا تائين ڪو مقصد حاصل ڪري نه سگهي.