خاص مددگار هارون اختر خان سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي سي اي او جاويد قريشي جي ملاقات

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جاويد قريشي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي آئنده صنعتي پاليسي جي اهم نڪتن ۽ اهم تجويزن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هارون اختر خان معيشت جي ترقي لاءِ جديد صنعتي پاليسي جي فوري ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته صنعتي ترقي وقت جي …

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جاويد قريشي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي آئنده صنعتي پاليسي جي اهم نڪتن ۽ اهم تجويزن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هارون اختر خان معيشت جي ترقي لاءِ جديد صنعتي پاليسي جي فوري ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته صنعتي ترقي وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ صنعتي انقلاب جو ويزن رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي اهڙي صنعتي پاليسي جي ضرورت آهي جيڪا ملڪي معيشت کي مضبوط بڻائي، روزگار جا موقعا پيدا ڪري ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏئي. جاويد قريشي مستقبل جي سوچ تي ٻڌل صنعتي پاليسي جي تياري ۾ هارون اختر خان جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ يقين ڏياريو ته پاڪستان بزنس ڪائونسل ان پاليسي جي منظوري ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ ڀرپور سهڪار فراهم ڪندو. اها ملاقات پاڪستان جي صنعتي شعبي جي بحالي لاءِ گڏيل پاليسي سازي طرف هڪ اهم اڳڀرائي ثابت ٿي.