اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ روس جي حڪومت جي نمائندن ڊينس نازاروف، صنعت ۽ پيداوار وارو سيڪريٽري، صحت واري وزارت ۽ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) جا اعليٰ عملدار شريڪ ٿا. اجلاس ۾ روس مان انسولين گهرائڻ، مقامي سطح تي گڏيل پيداوار ۽ تجويز …
وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ روس جي حڪومت جي نمائندن ڊينس نازاروف، صنعت ۽ پيداوار وارو سيڪريٽري، صحت واري وزارت ۽ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) جا اعليٰ عملدار شريڪ ٿا. اجلاس ۾ روس مان انسولين گهرائڻ، مقامي سطح تي گڏيل پيداوار ۽ تجويز ڪيل پاليسي بورڊ پروٽوڪولز تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران ٻُڌايو ته ڊريپ روس جي ڪمپني زاوود ميڊوسنٽيز کان انسولين گهرائڻ لاءِ لاهور جي ڪمپني جينيٽڪس فارماسيوٽيڪل کي رجسٽريشن جاري ڪئي وئي آهي. هارون اختر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ فارماسيوٽيڪل جوائنٽ وينچر ٻه طرفي معاشي ناتن جي مضبوطي طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. پاڪستان ۾ انسولين جي وڏي پيماني تي استعمال کي نظر ۾ رکندي، روس مان گهرائجندڙ انسولين پاڪستاني مريضن لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب پاڪستان ۾ انسولين جي مقامي سطح تي تياريءَ جو منصوبو تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ جلد ئي مقامي مينيوفيڪچررز ۽ روس جي ڪمپنين وچ ۾ گڏيل پروٽوڪول پيش ڪيو ويندو. هارون اختر سمورين ڌُرين کي هدايت ڪئي ته هو ڪابينه جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ هڪ جامع ۽ مربوط تجويز تيار ڪن ته جيئن ان منصوبي کي پاليسي ۽ عملي سطح تي جلد کان جلد عملي جامو پهرائي سگهجي.











