قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي ترڪيه جي گرينڊ نيشنل اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان ملاقات

جنيوا-30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ترڪيه جي گرينڊ نيشنل اسيمبليءَ جي اسپيڪر پروفيسر ڊاڪٽر نعمان ڪرتلموش سان ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اها ملاقات 6هين عالمي اسپيڪرز ڪانفرنس جي موقعي تي جنيوا ۾ ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مثالي ڀائراڻن ناتن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسپيڪر چيو ته ٻنهي ملڪن جا ناتا گڏيل اعتماد، گڏيل تاريخ ۽ مفادن تي …

جنيوا-30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ترڪيه جي گرينڊ نيشنل اسيمبليءَ جي اسپيڪر پروفيسر ڊاڪٽر نعمان ڪرتلموش سان ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اها ملاقات 6هين عالمي اسپيڪرز ڪانفرنس جي موقعي تي جنيوا ۾ ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مثالي ڀائراڻن ناتن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسپيڪر چيو ته ٻنهي ملڪن جا ناتا گڏيل اعتماد، گڏيل تاريخ ۽ مفادن تي ٻَڌل آهن. ٻنهي اڳواڻن واپار، دفاع، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو. اسپيڪر چيو ته قدرتي آفتن دوران ٻنهي ملڪن جي گڏيل مدد پُراڻي دوستيءَ جو ثبوت آهي. اسپيڪر پاڪستاني پارليامينٽ ۽ عوام طرفان ترڪيه جي عوام ۽ قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ جو اهم ذريعو آهي. ملاقات دوران ٻنهي اسپيڪرن وچ ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. سردار اياز صادق چيو ته فلسطين ۽ والاريل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام جي حق ۾ ترڪيه جو اصولي مؤقف تعريف جوڳو آهي.

مزید خبریں