اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، چين ۾ سانوڻي جي شديد برسات، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پي پي پي ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري پڌرائي مطابق پي پي پي چيئرمين، قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي چين جي حڪومت ۽ عوام سان …
بلاول ڀٽو زرداري پاران چين ۾ شديد برسات، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، چين ۾ سانوڻي جي شديد برسات، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پي پي پي ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري پڌرائي مطابق پي پي پي چيئرمين، قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي چين جي حڪومت ۽ عوام سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سميت سمورن پاڪستانين جون دعائون متاثر ڪٽنبن سان آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين صرف ٻه پاڙيسري ملڪ ناهن پر اسان جي عوام جون دليون ساڻن گڏ ڌڙڪن ٿيون. هن چيو ته پاڪ – چين لاڳاپا اعتماد ۽ بي مثال محبت تي قائم ٻن مضبوط دوستن ۽ ڀائرن جو ناتو آهي.











