اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) ڊسڪوز جي جون مهيني جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان عوامي ٻُڌڻي نيپرا هيڊ ڪوارٽر ۾ چيئرمين جي صدارت هيٺ ٿي. ڪالهه نيپرا جي اعلان موجب عوامي ٻُڌڻيءَ ۾ سي پي پي اي جي جا عهديدار، بزنس ڪميونٽي، توانائي وزارت جي نمائندن، صحافين ۽ عوام ڀرپور شرڪت ڪئي. سي پي پي اي جي، ايف سي اي جي مد ۾ 65 پئسا في …
نيپرا چيئرمين جي صدارت ۾ ڊسڪوز جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان عوامي ٻُڌڻي

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) ڊسڪوز جي جون مهيني جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان عوامي ٻُڌڻي نيپرا هيڊ ڪوارٽر ۾ چيئرمين جي صدارت هيٺ ٿي. ڪالهه نيپرا جي اعلان موجب عوامي ٻُڌڻيءَ ۾ سي پي پي اي جي جا عهديدار، بزنس ڪميونٽي، توانائي وزارت جي نمائندن، صحافين ۽ عوام ڀرپور شرڪت ڪئي. سي پي پي اي جي، ايف سي اي جي مد ۾ 65 پئسا في يونٽ گهٽتائيءَ جي درخواست جمع ڪرائي هئي. اهو مهيني لاءِ لاڳو هوندو، ان جو ڊسڪوز جي سمورن صارفين سواءِ لائيف لائن، پروٽيڪٽيڊ صارفين، پري پيڊ صارفين ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنن تي لاڳو هوندو. ان جو ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه هوندو. نيپرا پڌرائيءَ موجب اٿارٽي سمورين ڌُرين جي راين کي تسلي سان ٻُڌو، اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ پڙتال کانپوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي.











