ملڪ ۾ جاري سانوڻي جي برساتن جي نتيجي ۾ 158 شهري فوت، 558 زخمي، 214 گهر متاثر ۽ 121 مال مري ويو: پي ڊي ايم اي

لاهور- 30 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي هدايتن کي نظر ۾ رکندي پي ڊي ايم اي، مون سون فيڪٽ شيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. هلندڙ سال سانوڻي جي برساتن جي نتيجي ۾ 158 شهري فوت، 558 زخمي، 214 گهر متاثر ۽ 121 مال مري ويو. پي ڊي ايم اي ترجمان مطابق فيڪٽ شيٽ ۾ سانوڻي جي برساتن جي صورتحال، پنجاب جي درياهن، بئراجن ۽ ڊيمن …

لاهور- 30 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي هدايتن کي نظر ۾ رکندي پي ڊي ايم اي، مون سون فيڪٽ شيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. هلندڙ سال سانوڻي جي برساتن جي نتيجي ۾ 158 شهري فوت، 558 زخمي، 214 گهر متاثر ۽ 121 مال مري ويو. پي ڊي ايم اي ترجمان مطابق فيڪٽ شيٽ ۾ سانوڻي جي برساتن جي صورتحال، پنجاب جي درياهن، بئراجن ۽ ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح بابت انگ اکر شامل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ جهلم ۾ 83، راولپنڊي 81، منڊي بهاوالدين 49، منگلا 48، گجرات 42، سيالڪوٽ ۽ گوجرانوله 39 ۽ ڊي جي خان ۾ 33 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. سانوني جي برساتن جو پنجون سلسلو 31 جولاءِ تائين رهڻ جو امڪان آهن. سانوڻي جي برساتن سبب پنجاب جي درياهن ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه جو خطرو آهي. پي ڊي ايم اي ترجمان مطابق پنجاب جي وزيراعليٰ جي هدايتن کي نظر ۾ رکندي سڄي صوبي جي انتظاميه ۽ لاڳاپيل کاتن کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ برساتن سبب حادثن ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو آهي. ترجمان مطابق  هلندڙ سال سانوڻي جي برساتن ۾ حادثن سبب 158 شهري فوت ۽ 558 زخمي ٿيا، جڏهن ته 214 گهر متاثر ۽ 121 مال مري ويو. اڪثر فوتگيون وڄ ڪرڻ، جايون ڪرڻ، درياهن ۾ وهجندي ٻڏڻ ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيون. ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا چيو آهي ته وزيراعليٰ جي هدايتن کي نظر ۾ رکندي سوڳوار خاندانن جي مالي معاونت يقيني بڻائي پئي وڃي. هارين کي فصلن ۽ چوپائي مال جي نقصانن جو به ازالو ڪيو ويندو. ڊي جي پي ڊي ايم اي مطابق منگلا ڊيم ۾ 57 سيڪڙو جڏهن ته تربيلا ۾ 87 سيڪڙو پاڻي مجود آهي. ڀارتي ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح لڳ ڀڳ 43 سيڪڙو تائين آهي. سنڌو درياهه ۾ ڪالا باغ، تربيلا، تونسه ۽ چشمه وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. پنجاب درياهه، راوي، جهلم ۽ ستلج ۾ پاڻي جو وهڪرو في الحال معمول تي آهي.

مزید خبریں