اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر 3 آگسٽ تائين سخت موسمي صورتحال ۽ امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شهري ٻوڏ، ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي جي پهاڙي علائقن ۾ گليشيئر جي ڦاٽڻ سبب …
اين ڊي ايم اي پاران 3 آگسٽ تائين سخت موسمي صورتحال بابت الرٽ جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر 3 آگسٽ تائين سخت موسمي صورتحال ۽ امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شهري ٻوڏ، ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي جي پهاڙي علائقن ۾ گليشيئر جي ڦاٽڻ سبب ٻوڏ جو خطرو آهي. اسلام آباد، راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور، سيالڪوٽ، خوشاب ۽ ناووال ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪي پي ڪي جي علائقن ۾ ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران سخت برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جنهن سبب ٻوڏ ۽ پهاڙي علائقن ۾ لينڊ سلائينڊنگ جو خطرو آهي. اين ڊي ايم اي عوام کي درخواست ڪئي آهي ته حساس علائقن ۾ غير ضروري سفر ۽ تيز پاڻي جي وهڪري جي صورت ۾ ندي نالن، پلن ۽ ٻُڏل روڊن کان پاسو ڪن.











