اسلام آباد – 30 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ڊيولپمينٽ آف انويسٽمينٽ پورٽ فوليو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس دوران پاور، اقتصادي معاملن ۽ پيٽروليم وارن وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ايس اي سي پي جي چيئرمين، پاور، پيٽروليم، ناڻي، بي آءِ او …
اسحاق ڊار جي صدارت ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ڊيولپمينٽ آف انويسٽمينٽ پورٽ فوليو ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ڊيولپمينٽ آف انويسٽمينٽ پورٽ فوليو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس دوران پاور، اقتصادي معاملن ۽ پيٽروليم وارن وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ايس اي سي پي جي چيئرمين، پاور، پيٽروليم، ناڻي، بي آءِ او جي وفاقي سيڪريٽريز ۽ اهم وزارتن، ڊويزنن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيڙپڪاري جي مختلف تجويزن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مستقبل ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ترجيحي شعبن جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي ڪوآرڊينيشن وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جي تجويزن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.











