اسلام آباد – 30 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ورلڊ اڪنامڪ فورم (ڊبليو اي ايف) جي مئنيجنگ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ميمبر سعديه زاهدي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم ورلڊ اڪنامڪ فورم سان پاڪستان جي مضبوط ۽ پراڻي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ٿيندڙ سالياني اجلاس جي ذريعي ڊبليو اي …
وزيراعظم سان ورلڊ اڪنامڪ فورم جي مئنيجنگ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ميمبر سعديه زاهدي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ورلڊ اڪنامڪ فورم (ڊبليو اي ايف) جي مئنيجنگ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ميمبر سعديه زاهدي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم ورلڊ اڪنامڪ فورم سان پاڪستان جي مضبوط ۽ پراڻي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ٿيندڙ سالياني اجلاس جي ذريعي ڊبليو اي ايف جي پاڪستان سان مسلسل رابطن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعديه زاهدي کي پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ ملڪ ۾ نمايان معاشي بحالي بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص طور تي اقتصادي ترقي، صنفي شموليت، پيشيواراڻي تربيت ۽ ڊيجيٽائيزيسن جي شعبن ۾ ڊبليو اي ايف سان پنهنجي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ پاڪستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پڻ ان ڳالهه ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. سعديه زاهدي پنهنجي دوري دوران شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان جي مثبت معاشي رفتار کي ساراهيو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ موجوده حڪومت پاران ڪيل سڌارن جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ڌرين پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي وچ ۾ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.











