جنيوا -30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق گهڻ رخي سطح تي عالمي اعتماد کي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته پراڻن عالمي تڪرارن خاص ڪري فلسطين ۽ ڄمون ڪشمير جي پرامن حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق عمل ڪرڻ گهرجي، عالمي امن ۽ انصاف جي تحفظ لاءِ انساني اصولن جي سياست ۽ عالمي معاملن ۾ ٻٽي …
پراڻن عالمي تڪرارن جي پرامن حل لاءِ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق عمل ڪرڻ گهرجي: سردار اياز صادق

مزید خبریں
جنيوا -30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق گهڻ رخي سطح تي عالمي اعتماد کي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته پراڻن عالمي تڪرارن خاص ڪري فلسطين ۽ ڄمون ڪشمير جي پرامن حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق عمل ڪرڻ گهرجي، عالمي امن ۽ انصاف جي تحفظ لاءِ انساني اصولن جي سياست ۽ عالمي معاملن ۾ ٻٽي معيار کي ختم ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 29 کان 31 جولاءِ 2025ع تي جنيوا ۾ بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) ۽ گڏيل قومن جي انتظام هيٺ گڏيل طور تي منعقد پارليامينٽ اسپيڪرز جي ڇهين عالمي ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. عالمي سفارتڪاري جي مرڪز طور جنيوا جي تاريخي ڪردار تي روشني وجهندي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته هن شهر جتي ليگ آف نيشنز جو بنياد رکيو ويو هيو ۽ آخرڪار ناڪام ٿيو. هن چيو ته دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ نازڪ موڙ تي بيٺل آهي ۽ ڪيترائي پاڻ ۾ جڙيل بحرانن جا مقابلا ڪري رهي آهي جيڪي عالمي امن ۽ سلامتي، اقتصادي استحڪام، پائيدار ترقي ۽ گهڻ رخي نظام جي سلامتي لاءِ خطرو آهن. اسپيڪر ڊگهي عرصي تائين پرڏيهي قبضن جي صورتحال تي روشني وڌي جتي عالمي امن تي بالادستي جي هدفن ۽ ٿوري وقت وارن سياسي فائدن کي ترجيح ڏيندڙن ذريعي عالمي قانون، انساني همدردي جي معيارن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي ويندي آهي. هن هڪ طرفي ۽ انتهائي قوم پرستي جي وڌندڙ رجحانن سبب گڏيل قومن جي ساک خراب ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته تڪرارن جي پرامن حل کي هاڻي نه رڳو هڪ قانوني ذميواري طور پر هڪ اسٽريٽجڪ ضرورت طور ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته ڏاڍ ۽ هڪ طرفي ڪارروائي سان پائيدار امن حاصل نٿو ٿي سگهي، ان بدران دنيا کي ڳالهين، سفارتڪاري، گڏيل احترام ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي حقيقي پاسداري ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. هن پاڪستان جي صدارت ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ 2788 جي هاڻوڪي گڏيل منظوري جي تعريف ڪئي جنهن ۾ تڪرارن جي پرامن حل جي طريقيڪار کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو آهي جنهن ۾ ڳالهيون، انڪوائري، ٽياڪڙي، مفاهمت، عدالتي فيصلا ۽ سيڪريٽري جنرل جي علائقائي تنظيمن ۽ ماتحت آفيس جي تنظيمن سان گڏ سهڪار شامل آهي. عالمي اقتصادي منظرنامي تي روشني وجهندي اسپيڪر سردار اياز صادق ان حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته هن وقت 100 کان وڌيڪ اسرندڙ ملڪن قرضن جا مسئلا يا لڪيوڊٽي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن جنهن جو وڏو سبب عالمي واپار ۽ مالياتي ڍانچي ۾ انتظامي مسئلا آهن. هن منصفاڻي ۽ ترقي تي ٻڌل عالمي مالياتي نظام جي جوڙجڪ لاءِ فوري سڌارن تي زور ڀريو. هن گڏيل قومن جي نظام خاص طور تي سلامتي ڪائونسل کي وڌيڪ نمائنده، جمهوري، مڪمل ميمبرن جي قابل بڻائڻ لاءِ ان ۾ سڌارن ۽ بحالي جي ضرورت تي به زور ڀريو. هن چيو ته ان قسم جا سڌارا قانوني حيثيت کي بحال ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهن ته گهڻ رخو نظام اڄ جي عالمي چئلينجن جو جواب ڏيڻ لائق هجي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته الزام تراشي جي راند ختم ڪئي وڃي ۽ گڏيل انسانيت جي بنياد تي مسئلن جي حل ڏانهن وڌجي. هن چيو ته دنيا گهڻي رتوڇاڻ ڏٺي آهي، هاڻي نئين سوچ جي احترام جي هڪ نئين شروعات جو وقت آهي.











