صدر آصف علي زرداري پاران چين ۾ شديد برساتن سبب قيمتي انساني جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد – 29 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين ۾ شديد برساتن سبب قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چين جي صدر ۽ عوام جي نالي صدر آصف علي زرداري پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته …

اسلام آباد – 29 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين ۾ شديد برساتن سبب قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چين جي صدر ۽ عوام جي نالي صدر آصف علي زرداري پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان چين سان گڏ آهي. صدر آصف علي زرداري متاثر خاندانن سان دلي همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ چين آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته قدرتي آفتن جي هن مشڪل مرحلي ۾ چين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. صدر چيو ته چيني ڀائرن جي ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهون ٿا، پاڪستاني قوم چيني عوام سان گڏ آهي.

مزید خبریں