اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سائنسي ۽ فني تعاون جي حوالي سان ٻن ڏينهن واري بين الحڪومتي ڪميشن جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. هي اجلاس ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. اقتصادي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب اجلاس جي گڏيل صدارت …
پاڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ 100 ملين ڊالرن جو واپاري هدف مقرر، ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سائنسي ۽ فني تعاون جي حوالي سان ٻن ڏينهن واري بين الحڪومتي ڪميشن جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. هي اجلاس ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. اقتصادي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب اجلاس جي گڏيل صدارت توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ وزيرن بابت ڪرغز جمهوريه جي نائب چيئرمين ايدل بيسالوف ڪئي. ڌُرين گذريل اجلاس کان هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ اقتصادي ۽ فني تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن ٻه طرفي واپار کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو ۽ واپاري ڳاڻيٽي کي 100 ملين آمريڪي ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو. روانگي ۽ آمدني واپار ۾ جدت، پاڪستان- ڪرغزستان جوائنٽ بزنس ڪائونسل جي بحالي، واپاري ميلن، بزنس فورمز ۽ بي ٽو بي مٽاسٽا جي پروگرامن جي بندوبست تي اتفاق ڪيو ويو. مختلف اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ ڪيترن ئي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. معيار ۽ ڪوائلٽي جي شعبي ۾ پاڪستان جي معيار ۽ ڪنٽرول واري اداري ۽ ڪرغز معيشت ۽ واپار جي حوالي سان معيار ۽ پيمائش جي سلسلي ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون، جنهن جو مقصد معيار، ميٽرولوجي، منظوريءَ جي نظام ۽ مئنجمينٽ سسٽم ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. سيڙپڪاريءَ جي شعبي ۾ پاڪستان جي بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ ڪرغز صدر تحت نيشنل انويسٽمينٽ ايجنسي وچ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. حلال واپاري تعاون پاڪستان حلال اٿارٽي ۽ ڪرغز جي معيشت ۽ واپار واري وزارت تحت قائم ترقي، صنعت حلال وچ ۾ حلال واپار تي ٻَڌل مفاهمت ٿي. توانائي ۽ ماحوليات جي شعبي ۾ ڪرغزستان هڪ بجلي جي رسد واري لائن جي گڏيل منصوبي جي تجويز ڏني جيڪا ڪرغزستان، چين ۽ اُتر پاڪستان کي ڳنڍيندي. ٻنهي ملڪن بجلي جي درآمد، تجديد جوڳي توانائي، کاڻين جي کوٽائي، هائيڊرو ڪاربنز ۽ فني تعاون تي رضامندي ظاهر ڪئي. علائقائي رابطن ۽ ٽرانسپورٽيشن جي شعبن ۾ به نمايان اڳڀرائي ٿي. ٽپال، ڪارگو، ريل ٽرانسپورٽ ۽ سول ايوي ايشين ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. پاڪستان ڪرغز ايئر لائنز کي چارٽر سان باقاعدي اُڏامن طرف منتقل ٿيڻ جي تجويز ڏني. ڪرغزستان جو چين سان نئين فضائي راهداري جي تجويز تي پاڪستان دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. فائبر آپٽڪ رابطي جي منصوبي ۾ پاڪستان کي شريڪ ڪرڻ جي ڪرغز تجويز تي به مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي. مالياتي شعبي ۾ تعاون لاءِ ٻنهي ملڪن جي مرڪزي بئنڪن اسلامي بئنڪاري، مالياتي اوزارن جي ترقي ۽ پاڪستان جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بئنڪنگ اينڊ فنانس ذريعي تربيتي پروگرامن تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. صحت ۽ دواسازي جي شعبي ۾ طبي، تعليم، فارماسيوٽيڪل، سرجيڪل اوزارن ويڪسين ۽ بائيولوجيڪل شين ۾ گڏيل منصوبن تي ڳالهه ٻولهه تيز ڪرڻ تي اتفاقي ٿيو. ڪرغز حڪومت پاڪستاني دواساز ڪمپنين جي رجسٽريشن ۽ عوامي خريداريءَ ۾ شموليت جي حمايت جي آڇ ڪئي. ثقافتي تعاون ۾ ٻنهي ملڪن گڏيل تقريبن، راندين جي مقابلي ۾ شرڪت، سئنيما ۽ نشرياتي ادارن وچ ۾ مواد جي مٽاسٽا ۽ تربيتي پروگرامن تي رضامندي ظاهر ڪئي. تعليم ۽ سائنسي سهڪار جي حوالي سان گڏيل تربيتي پروگرامز، تعليمي مٽاسٽا، اداره جاتي رابطا ۽ پاڪستان ٽيڪينل اسسٽنٽنس پروگرام تحت ڪرغز شاگردن جي معاونت تي اتفاق ڪيو ويو. پورهيتن جي مٽاسٽا لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي فيصلو ڪيو ويو ته ڇهون اجلاس ڪرغزستان ۾ منعقد ٿيندو. جنهن جي تاريخ سفارتي ذريعن سان طئي ڪئي ويندي. اقتصادي معاملن واري وزارت ان اجلاس کي وچ ايشيا خاص طور تي ڪرغزستان سان پاڪستان جي حصيداريءَ کي مضبوط بنائڻ ۽ علائقائي اقتصادي انضمام کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. طئي ٿيل قدم ٻنهي ملڪن جي پائيدار ترقي، گڏيل خوشحالي ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيندا.











