اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان ۾ نيدرلينڊز جي سفير هيني ڊي وريز ناڻي واري وزارت ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ نيدرلينڊز وچ ۾ پُراڻن ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ هيني دي وريز جي ڪوششن کي ساراهيو. هن خاص ڪري واپار ۽ ڪاروبار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي …
وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان نيدرلينڊز جي سفير جي الوداعي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان ۾ نيدرلينڊز جي سفير هيني ڊي وريز ناڻي واري وزارت ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ نيدرلينڊز وچ ۾ پُراڻن ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ هيني دي وريز جي ڪوششن کي ساراهيو. هن خاص ڪري واپار ۽ ڪاروبار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ سندس خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان ۾ سرگرم ڊچ ڪمپنين جي مثبت ڪردار ۽ انهن جي سماجي اقتصادي ترقيءَ ۾ حصيداريءَ کي به ساراهيو. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير سفير کي پاڪستان ۾ هاڻوڪي معاشي اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري، سيڪيورٽي صورتحال ۾ استحڪام ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ شامل آهي، جيڪو سمورن اهم شعبن ۾ پائيدار استحڪام جو نتيجو آهي. هن حڪومت جي اقتصادي حڪمت عمليءَ تي روشني وڌي جيڪو پائيدار، جامع ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل ترقيءَ تي ٻَڌل آهي. ناڻي واري وزير ويجهڙ ۾ پيش ڪيل وفاقي بجيٽ ۾ شامل مالياتي فريم ورڪ تي به روشني وڌي، جنهن ۾ سماجي تحفظ ۽ دفاعي خرچن ۾ واڌ سان گڏوگڏ سبسڊي ۽ قرضن جي ادائگيءَ جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائيءَ کي متوازن انداز ۾ پيش ڪيو. هن محتاط پاليسي سبب هلندڙ سال بجيٽ ۾ مجموعي واڌ صرف 1.9 سيڪڙو تائين محدود رهي، جيڪو گذريل سالن جي 9 کان 10 سيڪڙو واڌ جي ڀيٽ ۾ هڪ واضح فرق آهي. سفير پاڪستان ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جي حاصلات تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ جي موجوده ترقياتي رستي جي ساراهه ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ڊگهي مُدي واري اقتصادي ترقي ۽ خوشحاليءَ طرف پنهنجو سفر جاري رکندو.











