اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان ۾ وقتي آمريڪي سفير الزبٿ هورسٽ ناڻي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ پاڪستان آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائيءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي معاشي ترقيءَ لاءِ آمريڪا جي ڊگهي مُدي واري …
سينيٽر محمد اورنگزيب سان آمريڪي ناظم الامور جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان ۾ وقتي آمريڪي سفير الزبٿ هورسٽ ناڻي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ پاڪستان آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائيءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي معاشي ترقيءَ لاءِ آمريڪا جي ڊگهي مُدي واري حمايت تي ٿورو مڃيو. هن خاص ڪري گذريل ڏيڍ سال ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي حاصل ڪرڻ ۾ آمريڪي مدد کي ساراهيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفن رابطن ۾ بهتريءَ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. ناڻي واري وزير هاڻوڪي آمريڪي دؤري جو حوالو ڏيندي واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي واپار بابت سيڪريٽري هاورڊ لوٽنڪ ۽ آمريڪي واپاري نمائندي ايمبيسڊر جيميسن گرير سان پنهنجي لاڀائتين ملاقاتن جو ذڪر ڪيو. هن پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ اڳڀرائيءَ کي همٿائيندڙ قرار ڏنو. سينيٽر محمد اورنگزيب ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي ۽ پاڪستان روايتي شعبن کان اڳتي وڌي ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو. هن خاص طور تي آءِ ٽي، معدني شعبن ۽ زراعت جي شعبن کي گڏيل فائدي لاءِ اهم موقعي طور اجاگر ڪيو. ناڻي واري وزير هورسٽ کي پاڪستان جي هاڻوڪي معاشي اهڃاڻن سان به آگاهه ڪيو جنهن ۾ خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ شامل آهي. هن ٽيڪس سڌارن ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ تجويز ڪيل سڌارن تي روشني وڌي جن جو مقصد پائيدار ۽ ڊگهي مُدي واري معاشي ترقيءَ کي يقيني بنائڻ آهي. هن وچ اوڀر جي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ پاڪستان جي ڪامياب داخلا پانڊا بانڊز جاري ڪرڻ واري منصوبي ۽ يورو آمريڪي ڊالر بانڊ مارڪيٽ تائين رسائيءَ جي تيارين کان به آگاهه ڪيو. الزبٿ هورسٽ پاڪستان جي معاشي اڳڀرائي ۽ سڌارن تي ٻَڌل پاليسين کي ساراهيو ۽ آمريڪا طرفان پاڪستان جي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم کي ورجايو. هن پاڪستان ۾ معاشي ۽ سياسي استحڪام لاءِ آمريڪي حمايت کي ورجايو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار، مضبوط ۽ ڪاروباري حصيداري جي اميد ظاهر ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفان ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته موجوده مثبت رابطن کي بنياد بنائي ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي.











