اسلام آباد -28 جولاءِ (اي پي پي)پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين تازن مهينن ۾ عالمي معيارن تي پورو لهندي ڪيتريون ئي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. يورپ لاءِ اڏامن جي بحالي، حج آپريشن جي ڪاميابي، هوائي اڏن جي جديدڪاري ۽ سلامتي جي قدمن تي پاڪستان کي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله حفيظ خان يورپ مان پابنديون ختم ٿيڻ کان پوءِ اها خوشخبري ٻڌائي …
پي اي اي ۽ پي آءِ اي جون عالمي ڪاميابيون

مزید خبریں
اسلام آباد -28 جولاءِ (اي پي پي)پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين تازن مهينن ۾ عالمي معيارن تي پورو لهندي ڪيتريون ئي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. يورپ لاءِ اڏامن جي بحالي، حج آپريشن جي ڪاميابي، هوائي اڏن جي جديدڪاري ۽ سلامتي جي قدمن تي پاڪستان کي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله حفيظ خان يورپ مان پابنديون ختم ٿيڻ کان پوءِ اها خوشخبري ٻڌائي ته قومي ايئر لائين جنهن کي پاڪستان جي ايوي ايشن صنعت جي بهترين ايئر لائينز ۾ شمار ڪيو ويندو هو، گذريل حڪومتي دور جي هڪ اڳوڻي هوابازي واري وفاقي وزير جي بيان ان جي ڏهاڪن تي ٻڌل ساک کي تباهه ڪري ڇڏيو. عالمي ايئر سيفٽي ادارن طرفان نه رڳو پي آءِ اي تي سفري پابنديون لڳايون پر پرڏيهي ايئر لائينز پاڪستاني هوابازن کي نوڪرين مان به ڪڍيو. يورپ، آمريڪا ۽ برطانيه جا فضائي روٽس بند ٿيڻ سان پي آءِ اي ۽ قومي وقار ۽ تشخص کي سخت نقصان پهتو پر معيارن کي عالمي گهرجن برابر آڻڻ لاءِ پاڪستان سول ايوي ايشن، ايئرپورٽ اٿارٽي ۽ ايئر لائين جي خاص قدمن سبب اهو فرانس کان پوءِ يورپ ايئر سيفٽي ادارن خصوصي آڊٽ کان پوءِ اهي پابنديون ختم ڪري ڇڏيون ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين ۽ خانگي ايئرلائينز کي به يورپ لاءِ اڏامن جي اجازت ملي وئي. يورپ فلائيٽ آپريشنز جون تياريون مڪمل آهن. يورپي ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي ۽ برطانيه پي آءِ اي تي لڳايل پابنديون ختم ڪري ڇڏيون جيڪا چئن سالن کان پوءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. شروعاتي طور 14 آگسٽ کان اڏامون شروع ڪرڻ جو منصوبو آهي. يورپي مارڪيٽن ۾ واپس ٿي وينداسين ۽ پي آءِ اي هاڻي پيرس کان پوءِ ميلان، بارسلونا ۽ ٻين يورپي شهرن لاءِ به اڏامون بحال ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. تازي ڇڪتاڻ دوران پي آءِ اي حج آپريشن کان پوءِ خصوصي اڏامن ذريعي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ۽ زائرين جي اربعين مان حفاظت سان واپسي جو قومي فرض سرانجام ڏنو. پرڏيهي ملڪن ۾ ڦاٿل هم وطنن جي واپسي قومي ايئر لائين جي اڳوڻي روايت رهي آهي، هزارين حاجين کي به حفاظت سان وطن منتقل ڪيو ويو آهي.











