اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) توانائي ۽ پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا اسان جي ٻه طرفي حصيداري جي بنياد تي ڪم ڪندا رهندا، جڏهن ته اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته ٻه طرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي جيڪو 23-2022ع ۾ 11.2 ملين ڊالر کان 25-2024ع ۾ 5.18 ملين ڊالرن تائين …
پاڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ سياحت جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن: وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) توانائي ۽ پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا اسان جي ٻه طرفي حصيداري جي بنياد تي ڪم ڪندا رهندا، جڏهن ته اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته ٻه طرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي جيڪو 23-2022ع ۾ 11.2 ملين ڊالر کان 25-2024ع ۾ 5.18 ملين ڊالرن تائين گهٽ ٿي وئي آهي، اسان کي واپاري رابطا نئين سر فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايون ٿا ته ٻه طرفي واپار کي 100 ملين ڊالرن تائين وٺي وينداسين. پاڪستان ۽ جمهوريه ڪرغزستان وچ ۾ پُراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گهري ثقافتي، تاريخي ۽ روحاني وابستگين تي ٻَڌل آهن. هو ڪالهه پاڪستان ڪرغزستان بين الحڪومتي ڪميشن جي پنجين اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير جمهوريه ڪرغزستان جي ڪابينه جي نائب چيئرمين بيسا لووايڊل زولدي بائيوچ، ڪرغز ۽ پاڪستان جي نمائندن جي ڪانفرنس ۾ آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ جمهوريه ڪرغزستان وچ ۾ پُراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گهري، ثقافتي، تاريخي ۽ روحاني وابستگين تي ٻَڌل آهن. 1994ع ۾ اسان جي اقتصادي لاڳاپن جي رسمي هئڻ کانپوءِ اسان مختلف شعبن ۾ ذڪر جوڳي ترقي ڪئي آهي، هي سيشن اسان جي ٻه طرفي حصيداريءَ کي مضبوط ۽ اداره جاتي بنائڻ لاءِ اسان جي اجتماعي سفر ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل جي نشاندهي ڪري ٿو، هن ڪميشن جي فريم ورڪ تحت واپار ۽ـ سيڙپڪاريءَ کان وٺي سياحت، زراعت، توانائي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم تائين اسان جي تعاون کي مسلسل وسيع پيماني تي پکيڙيو ويو آهي. عالمي ۽ علائقائي اقتصادي منظرنامي کي متاثر ڪندڙ چئلينجن باوجود وڌندڙ رفتار جو مشاهدو ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ مستقل ۽ گڏيل تعاون جي ڪوششن جي ضرورت آهي. پاڪستان ڪرغزستان جوائنٽ بزنس ڪائونسل جو بنياد، بي ٽو بي گڏيل لاڳاپن ۽ ڪسٽم عملدارن جي وچ ۾ اليڪٽرانڪ ڊيٽا انٽرچينج تي مفاهمت جي هڪ اهم يادداشت کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ، اڳتي وڌائڻ وارن ضروري قدمن تي ڌيان ڏنو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان واپاري ۽ سيڙپڪاريءَ جي گڏيل ورڪنگ گروپ جي افتتاحي اجلاس جي اثر هيٺ هاڻ پاڪستان ڪرغز ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ تي اڳڀرائيءَ کي تيز ڪرڻ جا منتظر آهيون جيڪو هڪ انتهائي اهم قدم آهي جنهن جو مقصد علائقائي رابطن کي وڌائڻ ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي سرحد پار گڏيل مقصدن ۽ واپار کي آسان بنائڻ آهي. سيڙپڪاري اسان جي ٻنهي ملڪن لاءِ ترجيح ۽ـ صلاحيت جو اهم شعبو آهي. هن چيو ته ڪرغزستان جي قومي سيڙپڪاري ايجنسي ۽ پاڪستان جي بورڊ آف انويسٽمينٽ وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن سميت مثبت قدم اڳ ئي کنيا ويا آهن. هي معاهدو ٽيڪسٽائل، فارماسيوٽيڪل، معدنيات، سياحت ۽ آءِ ٽي جهڙن اعليٰ امڪانن جي شعبن ۾ هدفي مشغوليت لاءِ هڪ ٺوس بنياد فراهم ڪري ٿو. پاڪستان ڪرغزستان طرفان پاڪستان جي نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن (اين ايل سي) لاءِ الباشي لاجسٽڪ سينٽر تائين رسائي جي آڇ کي به ساراهي ٿو، جيڪو انٽر پرائز سطح جي تعاون کي هڪ ساراهه جوڳي مثال طور بيهاري ٿو. نجي شعبي جي وسيع تر شرڪت کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسان ٻنهي ڌُرين جي حوصله افزائي ڪريون ٿا ته هو خصوصي اقتصادي زونز، ٽيڪس رعايتن ۽ ترجيحي شعبن جي باري ۾ جامع ۽ تازي ترين معلومات فراهم ڪري، سيڙپڪاريءَ جي موقعن جي آن لائن نمائش کي وڌائين، سياحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا، ماڻهن کان ماڻهن جو رابطو گهرو ڪرڻ لاءِ طاقتور رستي طور ڪم ڪري ٿو. پاڪستان ۽ ڪرغزستان ٻنهي شاندار قدرتي منظرن ۽ ڀرپور ثقافتي ورثي سان مالامال آهن، ان ڊومين ۾ ويجهي تعاون سان نمايان فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ بيهارين ٿا. اسان سياحت، مهمان نوازي ۽ سيڙپڪاريءَ تي مفاهمت نامي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ عالمي نمائشن ۾ فعال شرڪت سميت ٽوئر آپريٽرز ۽ سياحت بابت ڄاڻ جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جا منتظر آهن. اهڙيءَ طرح زراعت جي شعبي ۾ تعاون تي مفاهمت جي يادداشت تي صحيح ڪرغز ميون جي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان مان باسمتي چانورن سميت ٻين قيمتي غذائي شين جي روانگي واپار طرف هڪ اهم قدم آهي. وٽرنري ۽ فائٽو سينيٽري ڪنٽرولز تي بهتر تعاون، مضبوط ۽ مؤثر خوراڪ جي واپار کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان ٻئي گرين ۽ پائيدار ترقيءَ جو ويزن رکن ٿا. اسان تجويز ڪيل 500 ڪي وي ترغت زوار گلگت بلتستان ٽرانسميشن لائن ۾ پاڪستان جي شرڪت کي تلاش ڪرڻ لاءِ منسلڪ آهن جيڪو هڪ اسٽريتجڪ ڪرغزستان- چين- پاڪستان بجلي گرڊ قائم ڪندي، اسان پاڪستان جي کاڻين جي کوٽاهي واري شعبي خاص طور ٽامي ۽ سون جي تلاش ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ ڪرغز جي دلچسپي جي آجيان ڪريون ٿا. ٻئي طرف اچ وڃ ۽ مواصلات جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط بنائڻ اسان جي اقتصادي صلاحيت جي حاصلات لاءِ اهم آهي، اسان پوسٽل تعاون جو معاهدو 1995ع جي عالمي موٽر ٽرانسپورٽيشن معاهدي تحت ڪارگو جي آپريشنلائيزيشن ۽ اي ڪامرس ڪنيڪٽوٽي ۾ بهتريءَ جي توقع ڪريون ٿا. وفاقي وزير چيو ته اسان کي هوائي ۽ ريل رابطن کي وڌائڻ جي باري ۾ ڳالهين سميت فلائيٽ فريڪوئنسي ۾ واڌ سان به حوصلو ملي ٿو. مالياتي شعبو اقتصادي ترقيءَ لاءِ هڪ اهم انجڻ طور ڪم ڪري ٿو. اسان انٽر بئنڪ ۽ مالياتي تعاون کي وڌائڻ ۾ گڏيل دلچسپي خاص طور تي اسلامي بئنڪاري ۽ مالياتي جدت کي ساراهيون ٿا. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ نيشنل بئنڪ آف دي ڪرغز ريپبلڪ وچ ۾ گڏيل تربيتي پروگرامن لاءِ هاڻوڪو معاهدو اداره جاتي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ طرف هڪ تعميري قدم آهي. صحت جو شعبو به اسان جي ٻه طرفي تعاون کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اهم ۽ اسٽريٽجڪ موقعا فراهم ڪري ٿو. اسان هائر ميڊيڪل ايجوڪيشن تي ايم او يو کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي باري ۾ پُراميد آهيون ۽ پاڪستاني فارماسيوٽيڪل فرمن سان گڏ انهن جي مصروفيت جي لاءِ خاص طور ڪرغزستان جمهوريه کي پاڪستاني فارماسيوٽيڪل شين جي فراهمي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي تعاون سان ويڪسين جي تياريءَ ۾ امڪاني گڏيل منصوبن جي تلاش ۾ ڪرغز فارماسيا جي ساراهه ڪريون ٿا، اسان ريگيوليٽري صفبندي جي اهميت ۽ ڪرغزستان ۾ پاڪستاني دوائن جي رجسٽريشن جو عمل هموار ڪرڻ جي ضرورت تي وڌيڪ زور ڏيون ٿا جنهن سان صحت جي شعبي ۾ وقت سر رسائيءَ کي يقيني بنائڻ ۽ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته ثقافتي شعبو هڪ اهم پُل طور ڪم ڪري ٿو جيڪو گڏيل افهام ۽ تفهيم کي هٿي ڏئي ٿو ۽ اسان جي قومن وچ ۾ گڏيل ورثي کي هٿي ڏئي ٿو ۽ هي ضرورت آهي ته اسان ان وابستگين کي رسمي اداره جاتي مڪينزم ۾ ترجمو ڪريون ٿا. ثقافت بابت معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏيل ثقافتي تقريبن جي تنظيم سان گڏوگڏ ماڻهن جو ماڻهن سان رابطو نمايان طور گهرو ڪندو. نوجوانن جي مصروفيت مستقبل جي ليڊرن کي تيار ڪرڻ ۽ اسان جي ماڻهن وچ ۾ دوستيءَ جي ٻنڌڻن کي مضبوط بنائڻ لاءِ هڪ متحرڪ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿو. ڪانفرنسن، نوجوانن جي پاليسيءَ جي مسئلن تي سيمينارز ۽ تجربن جي مٽاسٽا ذريعي اسان پنهنجي نوجوان نسل کي ان حصيداريءَ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ بااختيار بنائي سگهون ٿا. تعليم اسان جي حصيداريءَ جو بنياد آهي، پائيدار ترقيءَ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ علم جي مٽاسٽا ۽ صلاحيت جي تعمير لاءِ هڪ ڪم ڪيو وڃي ٿو. اسان جون ڪوششون ايس ٽي اي اي ايم جي تربيت، علمي مٽاسٽا ۽ گڏيل تحقيقي قدمن ۾ تعاون تي ٻَڌل آهن. اسان پاڪستان ٽيڪنيڪل اسسٽنس پروگرام ذريعي ڪرغز شاگردن جي مدد ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا ۽ پنهنجي يونيورسٽين وچ ۾ اداره جاتي جي حصيداري کي مضبوط بنائڻ جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا. وفاقي وزير پنهنجي پڄاڻيءَ واري خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ڪرغزستان بين الحڪومتي ڪميشن جو پنجون اجلاس اسان کي پنهنجي گڏيل ويزن کي پائيدار نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ موقعو فراهم ڪري ٿو. اچو ته اسان گڏيل احترام، تعاون ۽ علائقائي امن تي ٻَڌل مضبوط، مربوط ۽ لچڪدار حصيداريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون.











