اسلام آباد -28 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هيپاٽائيٽس جو عالمي ڏهاڙو گذريل ڏينهن ملهايو ويو. صحت بابت عالمي اداري جي سربراهي ۾ هر سال اهو ڏينهن عالمي سطح تي 28 جولاءِ تي ملهايو ويندو آهي. جنهن جو مقصد ان موذي مرض جو خاتمو آهي. ڊبليو ايڇ او ترقياتي هدفن تحت 2030ع تائين هيپاٽائيٽس جي خاتمي جي ڊيڊ لائين مقرر ڪئي آهي. هلندڙ سال هيپاٽائيٽس جي …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هيپاٽائيٽس جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد -28 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هيپاٽائيٽس جو عالمي ڏهاڙو گذريل ڏينهن ملهايو ويو. صحت بابت عالمي اداري جي سربراهي ۾ هر سال اهو ڏينهن عالمي سطح تي 28 جولاءِ تي ملهايو ويندو آهي. جنهن جو مقصد ان موذي مرض جو خاتمو آهي. ڊبليو ايڇ او ترقياتي هدفن تحت 2030ع تائين هيپاٽائيٽس جي خاتمي جي ڊيڊ لائين مقرر ڪئي آهي. هلندڙ سال هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”اچو ته ان کي ختم ڪيون“ چونڊيو ويو آهي. واضح رهي ته 28 جولاءِ نوبل انعام يافته سائنسدان ڊاڪٽر باروچ بلمبرگ جو يوم پيدائش آهي، جنهن هيپاٽائيٽس بي وائرس دريافت ڪري ان جي سڃاڻپ ۽ ويڪسين تيار ڪري ان جو علان ممڪن بڻايو هو. هيپاٽائيٽس هڪ موذي وائرس آهي جنهن جا ڪيترائي قسم آهن، جن ۾ هيپاٽائيٽس اي، بي، سي، ڊي ۽ اي وغيره شامل آهن. هي هڪ اهڙو خطرناڪ وائرل مرض آهي جيڪو انسان جي جگر ۾ انفيڪشن پيدا ڪندو آهي ۽ وقت سر علاج نه ٿيڻ سبب جگر جي ڪينسر جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هيپاٽائيٽس سي، ڊي ۽ اي جي پکيڙ جا سبب گڏيل آهن جڏهن ته هيپاٽائيٽس سي ۽ بي انتهائي سنگين وائرس آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ڊگهي عرصي تائين مريض ۾ بيماري جي علامتن جي خبر ئي نه پوندي آهي جنهن سبب اهو جگر جي ڪينسر جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هيپاٽائيٽس اي ۽ اي انهن علائقن ۾ وڌيڪ پکڙجندي آهي جتي پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ هوندي آهي. هيپاٽائيٽس بي جو شڪار عام طور تي ٻار ٿيندا آهن ۽ اهو وائرس ان پٺتي علائقن ۾ وڌيڪ پکڙبو آهي جتي وڏي پئماني تي ٻارن کي حفاظتي ٽڪا ناهن لڳايا ويندا ۽ انهن جي ويڪسينيشن ناهي ٿيندي. واضح رهي ته هيپاٽائيٽس جي علامتن ۾ ٿڪاوٽ، وزن گهٽجڻ، بک نه لڳڻ، پيٽ ۾ اڪثر سور رهڻ، بخار، الٽي، چمڙي ۽ اکيون پيليون ٿيڻ وغيره شامل آهن. طبي ماهرن مطابق آلوده پاڻي ۽ ناقص خوراڪ جو استعمال هيپاٽائيٽس اي ۽ اي جي پکيڙ جو سب کان وڏو سبب آهي جڏهن ته هيپاٽائيٽس بي، سي ۽ ڊي رت جي منتقلي جهڙوڪ استعمال ٿيل سرنجز، ڏندن ڪڍڻ وارن اوزارن جو استعمال ۽ آلوده شيونگ بليڊ جو استعمال وغيره هوندا آهن. اهو وائرس ڳورهارين عورتن جي پيٽ ۾ موجود ٻار ۾ به منتقل ٿيندو آهي. ان ڏهاڙي جي مناسبت سان سرڪاري، غير سرڪاري، خانگي، فلاحي ۽ طبي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف پروگرامز ۽ تقريبون منعقد ڪيو وينديون آهن ته جيئن هيپاٽائيٽس جي پکيڙ کي روڪڻ جي حوالي سان عام ماڻهو ۾ جاڳرتا ڪري سگهجي.











