اڄ جو محفوظ پاڪستان اسان جي هيروز جي عظيم قربانين جو نتيجو آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد -27 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) کي 77هين ورسي تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته 77 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ڪشمير جي پهرين جنگ ۾ ڪيپٽن محمد سرور شهيد مادر وطن  لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته قوم کي ڪيپٽن محمد سرور …

اسلام آباد -27 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) کي 77هين ورسي تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته 77 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ڪشمير جي پهرين جنگ ۾ ڪيپٽن محمد سرور شهيد مادر وطن  لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته قوم کي ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي جرئت، استقامت ۽ عظيم قرباني تي فخر آهي. هن چيو ته اڄ جو محفوظ پاڪستان اسان جي هيروز جي عظيم قربانين جو نتيجو آهي. صدر چيو ته پوري قوم ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي بهادري ۽ قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي. هن پنهنجي جان ڏئي قومي دفاع جو  ناقابل فراموش باب رقم ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيدن جون قربانيون ملڪي دفاع ۽ قومي استحڪام جو بنياد آهن ۽ قوم ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي قرباني کي هميشه ياد رکندي.

مزید خبریں