وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ملاقات

اسلام آباد -27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم کي زائرين جي نئين پاليسي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم هوازبازي واري وزير کي زائرين لاءِ خصوصي اڏامن جو بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان جي امن و امان جي صورتحال …

اسلام آباد -27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم کي زائرين جي نئين پاليسي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم هوازبازي واري وزير کي زائرين لاءِ خصوصي اڏامن جو بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان جي امن و امان جي صورتحال تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ان موقعي تي گهرو وزير کي گوادر سيف سٽي تي ڪم شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

مزید خبریں