نيويارڪ -27 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، اسان افغانستان جا خيرخواه آهيون انهن جي ترقي ۽ خوشحالي چاهيون ٿا، افغانستان پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏئي، اسان ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون، جڏهن ته علائقائي رابطن کي هٿي وٺائي پئي وڃي. پاڪستان سفارتي …
پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن: اسحاق ڊار

مزید خبریں
نيويارڪ -27 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، اسان افغانستان جا خيرخواه آهيون انهن جي ترقي ۽ خوشحالي چاهيون ٿا، افغانستان پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏئي، اسان ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون، جڏهن ته علائقائي رابطن کي هٿي وٺائي پئي وڃي. پاڪستان سفارتي سطح تي هن وقت تمام گهڻو متحرڪ آهي. پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ اسان امن جي بقا تي يقين رکون ٿا، اسان ڀارتي پروپئگنڊه کي دنيا سامهون بي نقاب ڪيو. حڪومت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ قومي معيشت ۾ نمايان بهتري آئي آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، اسان افغانستان جا خيرخواهه آهيون، ان جي ترقي ۽ خوشحالي چاهيون ٿا، افغانستان کي چيو آهي، ته پنهنجي سر زمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏئي، پاڪستان هر ملڪ جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جو احترام ڪري ٿو، اسان ڀارتي پروپئگنڊه کي دنيا سامهون بي نقاب ڪيو ۽ ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان 4 رافيل جهازن کي تباهه ڪري ڀارت جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، پهلگام واقعي جي آڙ ۾ ڀارت جيڪي قدم کنيا کيس انهن جو ان ئي طريقي سان جواب ڏنو. پاڪستان جنگبندي لاءِ ڪنهن کي به نه چيو، اسان جي هٿياربند فوج بهادري سان ڀارت جو مقابلو ڪيو. ڀارت جي وائڙپ اڃا تائين ختم نه ٿي آهي. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون، علائقائي رابطن کي هٿي وٺرائي پئي وڃي، سفارتي سطح تي هن وقت پاڪستان تمام گهڻو متحرڪ آهي، اسان جو هدف ملڪ کي جي-20 ملڪن ۾ شامل ڪرڻ آهي، ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي ويو آهي، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا لاڳيتو وڌي رهيا آهن، مهانگائي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي، ڊفالٽ جي خطري کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي. انهن خيالن جو اظهار نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ پاڪستاني برادري کي خطاب دوران ڪيو. هن آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان شيخ ۽ گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندي عاصم افتخار، قونصل جنرل سميت پاڪستاني برادري جي آجيان ڪندي چيو ته ڪجهه مهينن جي وقفي کان پوءِ پاڪستاني برادري سان ٻيهر ملاقات فخر لائق آهي، هن چيو ته اسان جي گذريل ملاقات فيبروري ۾ ٿي هئي، ان وقت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت مستقبل جي حڪمت عملي جو خاڪو پيش ڪيو هو ۽ شايد هن وقت اوهان وڌيڪ پراعتماد نه هجو پر جيڪڏهن اوهان ان وقت جي حالتن ۽ اڄوڪين حالتن جي ڀيٽ ڪندا ته اوهان کي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اعتماد محسوس ٿيندو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ اسان جي حڪومت کي ان وقت معاشي ۽ سياسي چئلينجز سامهون هئا، جڏهن ته پاڪ ڀارت تڪرار بعد ۾ سامهون آيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ معيشت جي حوالي سان تمام گهڻي بهتري ٿي آهي، پر هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته 2017ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان معاشي طور تي تمام بهتر پوزيشن ۾ هو، هن 2013ع ۾ جڏهن حڪومت سنڀالي ته ميڪرو اڪنامڪ ڏکيائين کان سواءِ ڪجهه هفتن جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا ۽ اوسر واري شرح جي گهٽتائي، ڊبل ڊجٽ جي ناڻي واڌ ۽ ملڪ جي ڊفالٽ جو خطرو هو پر مسلم ليگ (ن) جي حڪومت چئن سالن جي عرصي ۾ نمايان معاشي ۽ اقتصادي ڪاميابيون حاصل ڪيون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته هن وقت عالمي اقتصادي ماهرن جو تجزيو هو ته پاڪستان کي ان مشڪل صورتحال مان ڪڍڻ ۾ 12 کان 15 سال گهربل آهن پر اسان ان کان گهٽ عرصي ۾ ڏکيائين تي ضابطو آندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ تمام گهڻي لچڪ آهي ۽ پاڪستان 2017ع تائين ملڪ جي 70 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آءِ ايم ايف سڌارن جو پروگرام مڪمل ڪيو. هن چيو ته ناڻي واڌ واري شرح جي ڊبل ڊجٽ مان 3.59 سيڪڙو جي شرح تائين گهٽتائي ٿي. ناڻي وارا ذخيرا تاريخ جي بلند ترين سطح تائين پهچي ويا، جي ڊي پي جي اوسر واري شرح 6.3 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، جڏهن ته اسان 7 کان 8 سيڪڙو جو ڪاٿو لڳايو هو. هن چيو ته هاڻي اسان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ ڪيترائي معاشي رڪارڊ ٽوڙينداسين، جنهن لاءِ رات ڏينهن محنت جاري آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان 12 کان 15 سالن جي عرصي وارين اڳڪٿين جي ڀيٽ ۾ 3 سال جي ٿوري وقت ۾ نمايان معاشي ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته پاڪستان 2017ع ۾ دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻيو هو ۽ ڪيترائي عالمي ادارا چئي رهيا هئا ته پاڪستان 2030ع کان اڳ جي-20 ملڪن ۾ شامل ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته 2017ع کان 2022ع جي عرصي دوران پاڪستان جي معيشت کي ريورس گيئر لڳي، سياسي تبديلين جا خوفناڪ نتيجا سامهون آيا، دنيا جي 24هين وڏي معيشت 47 درجا گهٽجي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) لاءِ اهو هڪ ڏکيو فيصلو هو ته اسان ان وقت جي حڪومت خلاف عدم اعتماد جو اظهار ڪيون يا نه ڪيون، ڇاڪاڻ ته ملڪي معيشت انتهائي ڏکين حالتن مان گذري رهي هئي. هن چيو ته ملڪ جي سياسي قيادت سمجهي پئي ته جيڪڏهن صورتحال برقرار رهي ته پاڪستان به سريلنڪا وانگر ڊفالٽ ڪري ويندو جڏهن ته ڪيتريون ئي عالمي طاقتون پڻ چاهين پيون ته پاڪستان ڊفالٽ ٿي وڃي، پر الله جي ڪرم سان اسان ڊفالٽ واري خطري مان نڪري آياسين، سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف هڪ ڏکيو فيصلو ڪيو ۽ پارٽي جي سربراهه طور عدم اعتماد جو فيصلو ڪيو، پاڪستان کي ڊفالٽ جي خطري مان ٻاهر ڪڍيو. هن چيو ته عدم اعتماد جي ڪاميابي کان پوءِ محمد شهباز شريف کي وزيراعظم نامزد ڪيو ويو ۽ 16 مهينن جي حڪومت ۾ اسان کي هر ڏينهن عالمي طاقتن ۽ معاشي ادارن طرفان هڪ نئين تاريخ ڏني پئي وئي ته فلاڻي تاريخ تي پاڪستان ڊفالٽ ڪري ويندو. جنهن کان پوءِ آخري هڪ سال لاءِ ڏکين حالتن ۾ مون کي ناڻي وارو وزير مقرر ڪيو ويو ۽ الله پاڪ جو شڪر آهي ته اسان رات ڏينهن محنت ڪري ملڪ کي ڏکي صورتحال مان ڪڍيو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ان کان پوءِ چونڊون ٿيون ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي اتحادين سان گڏجي ٻيهر حڪومت ٺاهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ وارا خدشا مڪمل طور تي ختم ٿيا. قومي معيشت جي موجوده صورتحال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ناڻي واڌ جي شرح جيڪا 30 سيڪڙو تائين وڌي چڪي هئي، هاڻي انتهائي هيٺين درجي تائين گهٽجي وئي آهي، ناڻي وارن ذخيرن ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙي ناڻي وارن ذخيرن کي وڌيڪ بلند سطح تائين پهچايون، ناڻي واڌ جي 3.59 سيڪڙو جي شرح ۽ ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي جا نوان رڪارڊ قائم ڪنداسين. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته قومي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي، ميڪرو اڪنامڪ اهڃاڻ بهتر ٿيا آهن، پاڪستان دنيا جي 47هين معيشت بدران 40هين معيشت بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته اسان چاهيون ٿا ته پنهنجي حڪومت جي پڄاڻي تائين پاڪستان کي جي-20 ملڪن ۾ شامل ڪيون يا ان ۾ شامل ٿيڻ جي ويجهو اچي وڃون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس حڪومت تمام گهڻي محنت ڪئي آهي ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ محمد نواز شريف لڳاتار رهنمائي فراهم ڪري رهيو آهي، ته جيئن معاشي هدف حاصل ٿي سگهن. اسان چاهيون ٿا ته عالمي برادري ۾ هڪ خوشحال ۽مستحڪم پاڪستان هجي ته جيئن اسان جون ايندڙ نسلون ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي سفارتي اڪيلائي واريون ڳالهيون ڪيون وينديون هيون جڏهن ته هاڻي صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، پاڪستان کي عالمي برادري ۾ اهم سفارتي حيثيت حاصل ٿي آهي، هن چيو ته گذريل ٻن سالن دوران اسان افغانستان جي حوالي سان تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۽ ازبڪستان، افغانستان ذريعي ريل رابطا قائم ٿين جنهن کان پوءِ پاڪستان سڄي دنيا سان ريلوي نيٽ ورڪ ذريعي ڳنڍجي ويندو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي ۽ علائقائي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڏي سيڙپڪاري ڪئي ۽ ان جا هاڪاري نتيجا سامهون آيا جڏهن ته 2017ع کان پوءِ حڪومت دهشتگردن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني، جنهن جا نتيجا هاڻي توهان جي سامهون آهن. هن چيو ته ڪرونا بحران سان گڏوگڏ دهشتگردي جي بحران قومي معيشت کي 47هين درجي تائين پهچايو هو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته افغانستان اسان جو برادر اسلامي ملڪ آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته هن سان معيشت، سياست سميت پناهگيرن جي مسئلن کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي وارين ڪارروائين لاءِ استعمال نه ٿئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آمريڪا جي تازي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان 2012ع ۾ سلامتي ڪائونسل جو غير مستقل ميمبر چونڊيو هو، ان وقت اسان هڪ ووٽ جي سرسي سان ڪامياب ٿياسين، پاڪستان هاڻي نمايان سفارتي ڪاميابيون حاصل ڪري چڪو آهي، ۽ اسان هلندڙ سال لاءِ جڏهن چونڊن ۾ حصو ورتو ته اسان 5 جي مقابلي ۾ 182 ووٽ سان ڪامياب ٿياسين. هن چيو ته هلندڙ مهيني پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت جو عهدو سنڀاليو آهي ۽ مان يو اين ايس سي جي اجلاس جي صدارت لاءِ خاص طور تي هتي پهتو آهيان. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته دنيا ۾ تڪرارن جو پرامن حل ممڪن ٿئي ۽ اسان ان حوالي سان سلامتي ڪائونسل ۾ پڻ ڳالهايو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عاصم افتخار جي سربراهي ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفارتي ٽيم جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير پڻ ڀرپور مدد فراهم ڪري رهيو آهي. اسان جي سفارتي ٽيمن گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن تي هو مبارڪن جا مستحق آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل پاڪستان جي ٺهراءَ کي هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ گڏيل طور منظور ڪيو ويو آهي ۽ تازي اجلاس ۾ ٿائيلينڊ، ڪمبوڊيا جي تڪرار بابت سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن پاڪستان ٺهراءَ جا حوالا ڏنا آهن. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ ملڪ سفارتي سطح تي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي. اسان پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته گڏيل قومن ۽ اسلامي سهڪار تنظيم جي گڏيل ڪردار ذريعي تڪرارن جي پرامن حل کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اسان جي حڪومت جي اها پاليسي آهي ته عالمي سطح تي پاڪستان جي سفارتي ڪردار کي پاڪ چين لاڳاپن جي حوالي سان نه ڏٺو وڃي ۽ اسان آمريڪا سان پڻ مستحڪم سفارتي لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته اسان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ سفارتي ۽ قانوني ذريعن سان ڪوششون ڪيون آهن، ان جي آزادي جو عمل قانون سان ڳنڍيل آهي، ۽ ان کي پي ٽي آءِ باني جي آزادي سان نه ڳنڍيو وڃي. هن چيو ته عافيه صديقي پاڪستان جي ڌيءَ آهي، سندس آزادي اسان جي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان حوالي سان ڪوششون جاري رکيون وينديون. هن چيو ته عافيه صديقي جي معاملي کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، اسان جا ايٽمي اثاثا پنهنجي دفاع ۽ ريجن ۾ طاقت جي توازن کي قائم رکڻ لاءِ آهن. هن چيو ته اسان لاءِ ننڍي کان ننڍو ۽ وڏي کان وڏو ملڪ سڀئي برابر آهن. سمورن ملڪن جو قومي وقار ۽ خودمختياري اسان لاءِ برابر آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان گذريل ڪجهه سالن دوران ڀارت پاران ڪوڙا دعويٰ ڪيا ويا آهن ۽ ڀارت پاران خطي جي چوڌري هجڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته الله تعاليٰ سندن غرور مٽي ۾ ملايو، اسان جو ايمان آهي ته سڀ کان وڏي طاقت خدا جي ذات آهي، ڪو به جيترو مرضي وڏو هجي خدا جي ذات سامهون بيوس آهي. هن چيو ته ڀارت رافيل جهازن جي باري ۾ وڏا وڏا دعويٰ ڪندو هو پر اسان انهن جا 4 رافيل جهاز تباهه ڪيا. هن چيو ته پهلگام واقعي جي صرف 10 منٽن کان پوءِ ڀارت گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ لڳي پيو ته پلوامه واقعي کي ورجايو پيو وڃي. هن چيو ته پهلگام واقعي وقت مان ۽ وزيراعظم ترڪيه جي دوري تي هئاسين، ڀارت واقعي جي ٻي ڏينهن پنهنجي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان جو نالو وٺڻ کان سواءِ پنج وڏا فيصلا ڪيا، اسان جي سفارتي عملي ۾ گهٽتائي، فوجي اتاشين کي ملڪ مان ڪڍڻ، اٽاري بارڊر بند ڪرڻ سان گڏوگڏ ڀارت ۾ موجود پاڪستانين کي ويزا رکڻ باوجود ملڪ مان ڪڍڻ وارا فيصلا ڪيا ويا، جڏهن ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جو هڪ طرفو اعلان پڻ ڪيو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ان بعد پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت شريڪ ٿي ۽ اسان به ڀارتي قدمن جو جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن کان پوءِ اسان ڀارتي سفارتي عملي ۾ گهٽتائي، فوجي اتاشين کي ملڪ بدر ڪرڻ، سکن سميت ٻين ڀارتي شهرين کي ملڪ مان ڪڍڻ سان گڏوگڏ واگها بارڊر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ڀارتي قدمن جي جواب ۾ اسان ڀارتي اڏامن لاءِ پنهجي هوائي سرحدن کي بند ڪيو جنهن سان سندن ايئر لائينز کي ڪمرشل طور ڪافي نقصان برداشت ڪرڻو پيو. هن چيو ته اسان کي اڳ ئي خبر هئي ته پلوامه وانگر ڀارت ڪا حرڪت ڪندو، ۽ اهو ئي ٿيو. 29 ۽ 30 اپريل جي وچ واري رات ڀارت جا 6 جنگي جهاز هوا ۾ بلند ٿيا جڏهن ته پاڪ فضائيه کي الرٽ ڏسندي ئي سرينگر ۾ لينڊ ڪري ويا. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات 75 کان 80 ڀارتي جهاز هوا ۾ موجود هئا، جن کي روڪڻ لاءِ پاڪستاني شاهين پڻ پوري طرح تيار هئا. هن چيو ته پهلگام واقعي کان فوري پوءِ اسان عالمي برادري کي صورتحال کان آگاهه رکيو ۽ چيو ته پهلگام واقعي سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي، ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف پڻ اهو چيو هو ته ان واقعي جي غيرجانبدار عالمي جاچ ۾ پاڪستان شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ڀارت ان آڇ کي قبول نه ڪيو. هن چيو ته ڀارتي جارحيت جي مقابلي ۾ الله تعاليٰ پاڪستان کي ڪاميابي ڏني ۽ اسان 6 ڀارتي جهازن کي تباهه ڪيو، جن ۾ 4 رافيل به شامل هئا. جنهن کان پوءِ ڀارت ۾ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته ڀارت جي پرڏيهي کاتي پاڪستان پاران 15 ڀارتي فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي. هن چيو ته اسان پي فائيو ملڪن کي چيو ته ڊجيٽل دور ۾ هر شئي جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ ان باري ۾ تصديق ڪئي وڃي جنهن کان پوءِ انهن ملڪن ڀارتي الزامن کي رد ڪيو، وري ڀارت ايف 16 جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي جنهن تي ايف 16 جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني پڻ ڀارت جي ڪوڙي دعويٰ کي بي نقاب ڪندي چيو ته پاڪستان جو ڪو به ايف 16 جهاز تباهه نه ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته ڪو به جهاز اڏاميو ئي نه هو. هن چيو ته 23 اپريل کان 10 مئي دوران دنيا جي 60 کان وڌيڪ ملڪن جي اڳواڻن سان رابطو ڪيو ويو ۽ سڀني کي ٻڌايو ته ڀارت ٻٽي معيار کان ڪم وٺي رهيو آهي، جڏهن ته عالمي برادري پاڪستان جي سچي هئڻ جي تصديق ڪئي ته ان سان سفارتي سطح تي پاڪستان جو بيانئو ڪامياب ٿيو ۽ ڀارت ناڪام ٿيو. جنهن سان ڀارت ۾ هن وقت تائين ڳڻتي واري صورتحال آهي. هن چيو ته پاڪستان هميشه تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ڪنهن به جارحيت ۾ ملوث نه رهيو آهي. هن چيو ته انهن اصولن کي اسان عملي طور فالو ڪيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ڀارتي جهازن جي ڀيٽ ۾ هوا ۾ بلند ٿيل پاڪستاني شاهينن کي واضح هدايتون ڏنيون ويون هيون ته جيستائين ڀارت جو ڪو به جهاز پاڪستان جي فضائي حدن ۾ داخل نه ٿئي ان وقت تائين ان کي نه ڪيرايو وڃي. جيڪڏهن ڪو ڀارتي جهاز پنهنجي هوائي حدن ۾ رهندي پاڪستان تي ميزائيل فائر ڪري ته پوءِ ان کي نشانو بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪ فضائيه جي بهادر پائليٽن چيو ته جيڪڏهن اسان تي اهي پابنديون نه هجن ها ته اسان 6 بدران ڀارت جا 12 کان 15 جهاز تباهه ڪيون ها. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني فوج ۽ حڪومت ڪامياب ٿي چڪي آهي ۽ معيشت سميت دفاع جي شعبن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پرڏيهي وزير چيو ته 9 مئي جي رات تي وزيراعظم جي صدارت ۾ فوج ۽ سول قيادت ملاقات ڪئي ۽ ڀارتي اڳرائي ۽ جارحيت جو مناسب جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو جنهن کان پوءِ وزيراعظم هٿياربند فوج کي جواب ڏيڻ جي اجازت ڏني. بعد ۾ صبح جو 4 بجي کان 8 بجي تائين اسان ڀارت کي جواب ڏنو. مان هميشه عالمي برادري کي يقين ڏياريو آهي، ته جڏهن اسان جواب ڏينداسين ته سڀني کي ٻڌائينداسين، ته اسان ڪٿي حملو ڪيو آهي، ڪنهن کان ڪا به شئي نه لڪائي ويندي. هن چيو ته اسان ڀارت وانگر ڪنهن سول جاءِ تي حملا نه ڪيا ۽ جتي جتي حملا ڪيا انهن جي باري ۾ تفصيلن کان عالمي برادري کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته جڏهن پاڪستان طرفان ڀارت کي جواب ڏيڻ جو مرحلو مڪمل ٿيو ته مون سان آمريڪا جي پرڏيهي وزير ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جنگ بندي لاءِ تيار آهي جنهن جي جواب ۾ مون چيو ته اسان ڪڏهن به جنگ شروع نه ڪئي ۽ نه ئي اسان جنگ تي يقين رکون ٿا، ڇاڪاڻ ته هي خطو جنگ برداشت نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن ڀارت جنگبندي چاهي ٿو ته اسان به تيار آهيون. ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير پڻ اسان جي آرمي چيف سان ڳالهيون ڪري چڪو هو، هن چيو ته آمريڪي اختيارين سان رابطي جي 45 منٽن اندر اندر سعودي عرب جي ولي عهد پڻ فون ڪيو ۽ جنگبندي جي حوالي سان راءِ ورتي، جنهن کان پوءِ جنگبندي ٿي ۽ هن وقت جنگبندي تي عمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان ڪڏهن به ڪنهن کي جنگبندي جي درخواست نه ڪئي، اسان جي بهادر فوج فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ ڇڪتاڻ دوران بهادري ۽ جرئت سان صورتحال جو مقابلو ڪيو ۽ ان تڪرار دوران ڀارت کي بدترين شڪست ڏني. تقريب ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي نمايان ماڻهن شرڪت ڪئي.











