ايف سي بلوچستان نارٿ جون امن جي قيام لاءِ بي مثال قربانيون آهن: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي

اسلام آباد/ ڪوئٽا -27 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته ايف سي بلوچستان نارٿ جون امن جي قيام لاءِ بي مثال قربانيون آهن، فتنه الهندوستان جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻائڻ ۾ ان فورس جي آفيسرن ۽ جوانن جي شجاعت جي تاريخ رقم آهي. فرنٽيئر ڪور بلوچستان نارٿ جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻي مهارت ۽ بهادري تي ناز آهي، گهرو وزارت …

اسلام آباد/ ڪوئٽا -27 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته ايف سي بلوچستان نارٿ جون امن جي قيام لاءِ بي مثال قربانيون آهن، فتنه الهندوستان جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻائڻ ۾ ان فورس جي آفيسرن ۽ جوانن جي شجاعت جي تاريخ رقم آهي. فرنٽيئر ڪور بلوچستان نارٿ جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻي مهارت ۽ بهادري تي ناز آهي، گهرو وزارت موجب اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير محسن نقوي هيڊ ڪوارٽرز نارٿ فرنٽيئر ڪور بلوچستان جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هيڊ ڪوارٽرز آمد تي گهرو وزير کي ايف سي بلوچستان نارٿ جي چست جٿي سلامي پيش ڪئي ۽ فرنٽيئر ڪور بلوچستان نارٿ جي آءِ جي ميجر جنرل  عابد مظهر وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي آفيسرن سان تعارف ڪرايو. وفاقي وزير  شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ گل رکي فاتحه خواني به ڪئي. هن ايف سي بلوچستان نارٿ جي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي ۽ شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. محسن نقوي کي آءِ جي ايف سي بلوچستان نارٿ ميجر جنرل عابد مظهر فورس جي تربيت ۽ پيشيواراڻين صلاحيتن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي گهرو وزير بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ فرنٽيئر ڪور نارٿ جي خدمتن  جي تعريف ڪندي چيو ته فرنٽيئر ڪور بلوچستان نارٿ بهترين فورس آهي. محسن نقوي چيو ته فتنه الهندوستان جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻائڻ ۾ ان فورس جي آفيسرن ۽ جوانن شجاعت جي تاريخ رقم ڪئي آهي. فرنٽيئر ڪور بلوچستان نارٿ جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻي مهارت ۽ بهادري تي اسان کي فخر آهي.

مزید خبریں