يوم آزادي کان پوءِ قومي ڪلچر پاليسي جو اعلان ڪيو ويندو: وفاقي وزير اورنگزيب کچي

اسلام آباد -27 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي چيو آهي، ته پاڪستان جو ثقافتي بيانئو ۽ عالمي ساک کي نئين سر طئي ڪرڻ ڏانهن هڪ وڏي قدم طور وفاقي حڪومت يوم آزادي 14 آگسٽ کان پوءِ هڪ تاريخي قومي ڪلچر پاليسي جو اعلان ڪندي،  هي جامع پاليسي ملڪ جي ثقافتي سڃاڻپ کي بحال ڪرڻ ۽ رنگ برنگي ورثي کي محفوظ بڻائڻ، عالمي …

اسلام آباد -27 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي چيو آهي، ته پاڪستان جو ثقافتي بيانئو ۽ عالمي ساک کي نئين سر طئي ڪرڻ ڏانهن هڪ وڏي قدم طور وفاقي حڪومت يوم آزادي 14 آگسٽ کان پوءِ هڪ تاريخي قومي ڪلچر پاليسي جو اعلان ڪندي،  هي جامع پاليسي ملڪ جي ثقافتي سڃاڻپ کي بحال ڪرڻ ۽ رنگ برنگي ورثي کي محفوظ بڻائڻ، عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي آهي. وفاقي وزير اي پي پي کي خصوصي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هي پاليسي اسان جي جڙن، تخليقي صلاحيتن ۽ تهذيبي فخر سان واڳيل هڪ قومي عهد آهي. هن چيو ته هي صرف هڪ پاليسي دستاويز نه پر اسان جي قومي سڃاڻپ سان جڙيل هڪ عهد آهي، جنهن ذريعي اسان پاڪستان جي ثقافتي منظرنامي کي گڏ ڪري دنيا آڏو پنهنجو ورثو فخر سان پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته  هي پاليسي آخري مرحلي ۾ آهي ۽ ان کي سمورن صوبن، ثقافتن، ثقافتي ماهرن، اديبن، فنڪارن ۽ لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت کان پوءِ جوڙيو پيو وڃي. هن چيو ته  هن پاليسي جو بنيادي مقصد ناڪاري تاثر جو خاتمو ۽ پاڪستان جو حقيقي سڃاڻپ پيش ڪرڻ آهي، اسان ان بيانئي کي رد ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪي اسان جي ملڪ کي گولين ۽ بندوق سان جوڙين ٿا. اسان جي سرزمين مهر ڳڙهه جهڙين قديم تهذيبن جو گهر آهي، جيڪو 12000 سال پراڻو آهي، ان سان گڏ هڙاپا، موهن جو دڙو ۽ ٽيڪسلا جهڙيون عظيم تهذيبون پڻ موجود آهن، اسان وٽ دنيا جو وڏو ثقافتي ورثو موجود آهي. هن چيو ته ڪلچر پاليسي فنڪارن ۽ ادبي حلقن کي اداره جاتي حمايت فراهم ڪندي ۽ مدي خارج ڍانچن ۾ سڌارا آڻيندي. وفاقي وزير چيو ته اسان جي ثقافت کي وڏي عرصي تائين نظرانداز ڪيو ويو، يا گهٽ استعمال ڪيو ويو. هاڻي وقت آهي ته اسان پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ ۽ ورثي کي زنده رکون. هن چيو ته پاڪستان هن وقت 86 ملڪن سان ثقافتي تعاون جا معاهدا ڪيا آهن ۽ ان انگ کي 125 ملڪن تائين وٺي وڃڻ لاءِ ڪم جاري آهي.

مزید خبریں