اسلام آباد -26 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت اهل حديث جي مرڪزي امير سينيٽر حافظ عبدالڪريم ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم حافظ عبدالڪريم کي ويجهڙائي ۾ ٿيل سينيٽ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته پراميد آهيان ته اوهان پنهنجي مذهبي ۽ سياسي فڪر جي روشني ۾ قانونسازي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪندا. سينيٽر حافظ عبدالڪريم …
وزيراعظم شهباز شريف سان جميعت اهل حديث جي مرڪزي امير سينيٽر حافظ عبدالڪريم جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -26 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت اهل حديث جي مرڪزي امير سينيٽر حافظ عبدالڪريم ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم حافظ عبدالڪريم کي ويجهڙائي ۾ ٿيل سينيٽ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته پراميد آهيان ته اوهان پنهنجي مذهبي ۽ سياسي فڪر جي روشني ۾ قانونسازي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪندا. سينيٽر حافظ عبدالڪريم مسلم ليگ (ن) طرفان سينيٽ اليڪشن ۾ سندس مٿان اعتماد تي وزيراعظم جو ٿورو مڃيو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ٿيون.











