فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جوانجام عبرتناڪ موت آهي: محسن نقوي

ڪوئيٽا -26 جولاءِ (اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي، ته  فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي، ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندي. گهرو وزير جي وزيراعليٰ هائوس بلوچستان پهچڻ تي وڏي وزير سرفراز بگٽي سندس آجيان ڪئي. گهرو وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير محسن نقوي ۽ وڏي وزير سرفراز بگٽي وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران بلوچستان …

ڪوئيٽا -26 جولاءِ (اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي، ته  فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي، ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندي. گهرو وزير جي وزيراعليٰ هائوس بلوچستان پهچڻ تي وڏي وزير سرفراز بگٽي سندس آجيان ڪئي. گهرو وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير محسن نقوي ۽ وڏي وزير سرفراز بگٽي وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران بلوچستان ۾ امن امان ۽ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي، ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندي. صوبي ۾ امن امان جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا .

مزید خبریں