اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته تمر جي ٻيلن جو تحفظ سامونڊي ڪناري جي معيشت ۽ ماحولياتي بقا لاءِ اڻٽر آهي، ڊيلٽا بليو ڪاربن منصوبو عالمي سطح تي پاڪستان جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي، سنڌ جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ تمر جي ٻيلن مان لکين ڪاربن ڪريڊٽس حاصل ڪيا پيا وڃن، مينگرووز عام وڻن جي …
تمر جي ٻيلن جو تحفظ سامونڊي ڪناري جي معيشت ۽ ماحولياتي بقا لاءِ اڻٽر آهي: جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته تمر جي ٻيلن جو تحفظ سامونڊي ڪناري جي معيشت ۽ ماحولياتي بقا لاءِ اڻٽر آهي، ڊيلٽا بليو ڪاربن منصوبو عالمي سطح تي پاڪستان جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي، سنڌ جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ تمر جي ٻيلن مان لکين ڪاربن ڪريڊٽس حاصل ڪيا پيا وڃن، مينگرووز عام وڻن جي ڀيٽ ۾ 4 ڀيرا وڌيڪ ڪاربن جذب ڪن ٿا. گذريل ڏينهن مينگرووز جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ جنيد انوار چوڌري چيو ته مينگرووز جي بقا لاءِ حڪومت مسلسل عملي قدم کڻي رهي آهي، بلچستان ۽ سنڌ ۾ مينگرووز جي بحالي جا منصوبا ڪاميابي سان جاري آهن، سامونڊي ڪٽاءُ ۽ ٻوڏ کان بچاءُ ۾ مينگرووز اهم صدرتي ڍال آهن. جنيد انوار چوڌري چيو ته پاڪستان دنيا جا وڏا مينگرووز پوکڻ وارن ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي چڪو آهي، مينگرووز مڇين جو مسڪن ۽ حياتياتي ترقي جي علامت آهن. هن چيو ته ماهيگيري، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جو تحفظ مينگرووز سان ڳنڍيل آهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ مينگرووز جو ڦهلاءُ اڻٽر آهي.











