پاڪستان ۾ بين المذاهب هم آهنگي قومي طاقت جي عمارت آهي، دشمن پنهنجن ناپاڪ اِرادن ۾ هميشه ناڪام ٿيندا: ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري

لاهور-25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان هڪ امن پسند ۽ ترقي پسند ملڪ آهي، جتي بين المذاهب هم آهنگي قومي طاقت جي عمارت آهي، دشمن  اسان جي قومي يڪجهتي ۽ اتحاد سبب پنهنجي ناپاڪ اِرادن ۾ هميشه ناڪام ٿيندو. لاهور ۾ مختلف مذهب جي نمائندن ۽ نوجوانن سان خاص …

لاهور-25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان هڪ امن پسند ۽ ترقي پسند ملڪ آهي، جتي بين المذاهب هم آهنگي قومي طاقت جي عمارت آهي، دشمن  اسان جي قومي يڪجهتي ۽ اتحاد سبب پنهنجي ناپاڪ اِرادن ۾ هميشه ناڪام ٿيندو. لاهور ۾ مختلف مذهب جي نمائندن ۽ نوجوانن سان خاص ويهڪ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر آپريشن بنيان المرصوص ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابيءَ کي پوري قوم کي اجتماعي فتح قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستاني قوم هر ڏُکئي ۽ دشمن آڏو بنا فرق مذهب جي شيهي جي ڀِت وانگر بيهي فتح حاصل ڪندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن مذهبن جا ماڻهو تاريخ، قومي نصب العين ۽ حب الوطني جي عيوض هڪ دل ۽ جان آهن. هن زور ڀريو ته  دشمن اسان جي قومي يڪجهتي ۽ اتحاد سبب پنهنجا مڪروه مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هميشه ناڪام رهندو. هن وطن عزيز جي روشن مستقبل لاءِ نوجوانن جي ڪردار کي انتهائي اهم قرار ڏنو. تقريب ۾ شاگردن توڙي شاگردياڻين آپريشن بيان المرصوص جي تاريخي فتح تي پاڪ فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪيو.

مزید خبریں