راولپنڊي-25 جولاءِ (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان تاجڪستان جي چيف آف جنرل اسٽاف ۽ فرسٽ ڊپٽي بچاءَ واري وزير ميجر جنرل سيد زود ابو جان عبدالقادر جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊيءَ ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران خطي جي بدليل سيڪيورٽي صورتحال ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان …
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان تاجڪستان جي چيف آف جنرل اسٽاف ۽ فرسٽ ڊپٽي بچاءَ واري وزير جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-25 جولاءِ (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان تاجڪستان جي چيف آف جنرل اسٽاف ۽ فرسٽ ڊپٽي بچاءَ واري وزير ميجر جنرل سيد زود ابو جان عبدالقادر جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊيءَ ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران خطي جي بدليل سيڪيورٽي صورتحال ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ گهرن ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڀريو ۽ ٻه طرفي دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ميجر جنرل سيد زود ابو بوجان عبدالقادر پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سندن قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. ان کان اڳ جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي مهمان شخصيت کي ٽنهي هٿياربند فوجن جي چست جٿن گارڊ آف آنر پيش ڪيو.











