اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي پهرين اسڪلز ايمپڪيٽ بانڊ جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته اهو جديد ماڊل نوجوانن کي روزگار جي قابل بڻائڻ جي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي راغب ڪندو، پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي روزگار جي قابل تعليم ۽ هنر جي فراهمي سان هن ملڪ جي تقدير بدلائينداسين، پاڪستان جا …
وزيراعظم پاران پاڪستان جي پهرين اسڪلز ايمپڪيٽ بانڊ جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي پهرين اسڪلز ايمپڪيٽ بانڊ جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته اهو جديد ماڊل نوجوانن کي روزگار جي قابل بڻائڻ جي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي راغب ڪندو، پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي روزگار جي قابل تعليم ۽ هنر جي فراهمي سان هن ملڪ جي تقدير بدلائينداسين، پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، نوجوانن کي پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ روزگار جي موقعن ۽ حصول جي انگ جي ڪاٿي تي ٻڌل هڪ جامع روڊ ميپ پيش ڪيو وڃي، هر ٻن مهينن ۾ ان تي عملدرآمد جي اڳڀرائي جو پاڻ جائزو وٺندس. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جي حوالي سان روڊ ميپ تي جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، قومي اسيمبلي ميمبر آمنه بتول ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ان نظام تحت نوجوانن کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ اهڙا هنر سيکاريا ويندا جنهن سان پاڪستان جا نوجوان بااختيار ۽ ملڪي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نوجوانن جي صلاحيت کي وڌائڻ، موجوده گهرجن سان هم آهنگ هنر جي تربيت ۽ تربيت کانپوءِ روزگار يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام، سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت، نيوٽيڪ ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جي حوالي سان هيستائين جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي آهي، پاڪستاني نوجوانن کي ٻاهرئين ملڪ روزگار حاصل ڪرڻ ۾ معاونت جي لاءِ انهن ملڪن جي مقامي زبانن جي تعليم جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ روزگار حاصل ڪرڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن جي تياري کي ترجيح ڏني وڃي، نوجوانن کي ڊيجيٽل يوٿ حب تي موجود روزگار جي موقعن جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ مهم هلائي وڃي. هن چيو ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي روزگار جي قابل تعليم ۽ هنر جي فراهمي سان هن ملڪ جي تقدير بدلائينداسين، پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت وزيراعظم جي هدايت تي نوجوانن کي روزگار جي قابل بڻائڻ جي لاءِ هنر ۽ تعليم جي فراهمي سان گڏ پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ روزگار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. اجلاس کي پروگرام تحت نوجوانن کي پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ روزگار جي فراهمي جو ساليانو ڪاٿو پڻ ٻڌايو ويو. پروگرام نوجوانن کي بااختيار بڻائي روزگار ۾ پاڻڀرو، انٽر پرينيورشپ ۽ سڌوسنئون نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل يوٿ حب تحت هيستائين 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن جڏهن ته 17 لک کان وڌيڪ ماڻهن ان جي ايپلي ڪيشن کي ڊائون لوڊ ڪيو. 5 سئو کان وڌيڪ ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيڻ کانسواءِ پاڪستان ۾ 47 هزار کان وڌيڪ جڏهن ته هڪ لک کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ روزگار جا موقعا ۽ 2 هزار کان ڌيڪ اسڪالرشپ موجود آهن. پورٽل سان ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن، سرڪاري ادارن، نجي ڪمپنين ۽ بشمول گڏيل قومن جي ٻين اين جي اوز سميت 5 سئو کان وڌيڪ ادارا ڳنڍيل آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم پاڪستان جي پهرين اسڪلز ايمپيڪٽ بانڊ جي منظوري پڻ ڏني. ان نظام تحت نوجوانن کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ اهڙا هنر سيکاريا ويندا جنهن سان پاڪستان جا نوجوان بااختيار ۽ ملڪي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهندا. اجلاس کي وڌيڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ان ماڊل تحت پبلڪ يا ڊونر فنڊز رڳو ان وقت جاري ڪيا وڃن ٿا جڏهن آزاد ميڊيا کان تصديق ٿيل نتيجا جهڙوڪ نوڪري حاصل ڪرڻ يا آمدني جي مخصوص حد حاصل ڪئي وڃي. وزيراعظم مقامي ۽ عالمي سطح تي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جي حوالي سان ڪاٿي ۽ مڪمل روڊ ميپ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.











