اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائره جي عيادت جي لاءِ سندس گهر ويا. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران قمر زمان ڪائره جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ پاران قمر زمان ڪائره جي عيادت

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائره جي عيادت جي لاءِ سندس گهر ويا. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران قمر زمان ڪائره جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. ٻنهي اڳواڻن قمر زمان ڪائره جي مڪمل صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته قمر زمان ڪائره ملڪ جو مخلص سياستدان ۽ جمهوري قدرن جو علمبردار آهي، هو منهنجي لاءِ احترام لائق آهي، اسان جي خاندانن جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا رهيا آهن. هن چيو ته قمر زمان ڪائره جي مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيون. بدر شهباز وڙائچ ان موقعي تي چيو ته قمر زمان ڪائره سدائين پاڪستان جي سياست ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، سندس صحت جي لاءِ پوري قوم دعاڳو آهي. واضح رهي ته قمر زمان ڪائره تازو ئي دل جي سرجري کانپوءِ اسپتال کان گهر منتقل ٿيو آهي.











