اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون ۾ بسيه خيل ٿاڻي تي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پوليس جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق گهرو وزير محسن نقوي پوليس جوانن جي بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جو دليري سان مقابلو ڪندڙ پوليس …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران بنون ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پوليس جوانن کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون ۾ بسيه خيل ٿاڻي تي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پوليس جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق گهرو وزير محسن نقوي پوليس جوانن جي بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جو دليري سان مقابلو ڪندڙ پوليس جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. محسن نقوي چيو ته پوليس جوانن بهادري سان ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي ڀرپور جواب ڏنو ۽ ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته خيبرپختونخوا پوليس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن تي آهي. خيبرپختونخوا پوليس جي جوانن جي جرئت تي فخر آهي.











