پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي پرامن سفارتڪاري، علائقائي استحڪام ۽ گهڻن رخن تي بيٺل آهي: پرڏيهي آفيس ترجمان

اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي پرامن سفارتڪاري، علائقائي استحڪام ۽ گهڻن رخن تي بيٺل آهي، پاڪستان بدلجندڙ جيو پوليٽيڪل چئلينجز جي وچ ۾ عالمي سطح تي مصروف عمل آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اهم تقريبن، مباحثن ۽ اعليٰ سطحي فورمز تي پراڻي حل طلب تڪرارن جي پرامن حل …

اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي پرامن سفارتڪاري، علائقائي استحڪام ۽ گهڻن رخن تي بيٺل آهي، پاڪستان بدلجندڙ جيو پوليٽيڪل چئلينجز جي وچ ۾ عالمي سطح تي مصروف عمل آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اهم تقريبن، مباحثن ۽ اعليٰ سطحي فورمز تي پراڻي حل طلب تڪرارن جي پرامن حل جي ذريعي عالمي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، مظلوم فلسطيني عوام جي غيرمشروط حمايت ۽ فوري جنگبندي سان گڏوگڏ فلسطين ۽ ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرارن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ غزه ۽ شام ۾ مسلسل اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ منصفاڻي ۽ جامع عالمي مالياتي نظام جي وڪالت ڪئي، پاڪ – آمريڪا ڳالهه ٻولهه ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي سفارتي ايجنڊا جو مرڪز آهن، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات ۾ ان تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڪيو. هن بريفنگ ۾ ملڪ جي تازي سفارتي سرگرمين جو جامع جائزو پيش ڪندي پاڪستان جي گهڻ رخي نظام، امن ۽ عالمي تعاون جي مضبوط عزم تي زور ڏنو. شفقت خان آمريڪا جي موجوده دوري تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي اعليٰ سطحي مصروفيتن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو، جيڪي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) جي صدارت دوران منعقد ٿيون. ترجمان ٻڌايو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ يو اين ايس سي جي اهم اجلاسن جي صدارت ڪئي، جن ۾ هڪ اعليٰ سطحي کليل مباحثي ”گهڻ رخي ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي ذريعي عالمي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ“ جو انعقاد ڪيو. هن چيو ته ان موقعي تي پاڪستان جي صدارت ۾ يو اين ايس سي جي قرارداد 2788 کي متقفه طور تي منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ گڏيل قومن جي چارٽر جي باب ڇهين تحت سفارتي ذريعن ۽ جامع سفارتڪاري تي وڌيڪ دارومدار ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. هن عالمي امن جي حوالي سان پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجايو ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي يو اين اعليٰ سطحي پوليٽيڪل فورم جي جنرل ڊيبيٽ ۾ ڏنل ڀرپور خطاب طرف ڌيان ڇڪرايو، جنهن ۾ هن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ منصفاڻي ۽ جامع عالمي مالياتي نظام جي وڪالت ڪئي، غزه ۽ شام ۾ اسرائيلي جارحيت جي پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ واضح مذمت کي ورجايو. هن چيو ته غزه ۾ شهرين ۽ انساني ڍانچي کي منظم طور تي نشانو بڻائڻ عالمي قانون جي کليل خلاف ورزي آهي ۽ ان کي انساني ساخته ڏڪار قرار ڏنو. هن فوري جنگبندي، گهيراءُ جي خاتمي ۽ 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل القدس الشريف کي گادي وارو شهر بڻائيندڙ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي اپيل ڪئي. شام جي حوالي سان هن اسرائيل جي تازي حملن جي مذمت ڪندي ان کي خطي ۾ امن کي ڪمزور ڪندڙ خطرناڪ جارحيت قرار ڏنو. ڪابل ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي تازي دوري جي سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته سلامتي تعاون، بشمول افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي پناهگان جي خدشن، ڳالهه ٻولهه جو مرڪزي نقطو هو. هن چيو ته مباحثا جاري آهن، افغانستان پاران پاڪستان جي خدشن کي سنجيدگي سان ورتو پيو وڃي. هن افغانستان ۽ ازبڪستان سان ثالثي تعاون، خاص طور تي ازبڪ – افغان – پاڪ (يو اي پي) ريلوي منصوبي جي ڏس ۾ اڳڀرائي جي پڻ تصديق ڪئي، جنهن سان علائقائي رابطي ۽ معاشي انضمام کي سگهه ملندي. ترجمان اها به تصديق ڪئي ته افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي جي دوري تي غور جاري آهي، پر طالبان جي عبوري حڪومت کي رسمي تسليم جي سوال تي قياس آرائي کان پاسو ڪيو. هن گڏيل قومن جي دوري جي موقعي تي نائب  وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي آسٽريا، برطانيا، سعودي عرب ۽ ٿائيلينڊ جي اعليٰ عهديدارن سان ٻطرفي ملاقاتن جا تفصيل پڻ شيئر ڪيا. هن 10هين يورپي يونين – پاڪستان پوليٽيڪل ڊائيلاگ ۽ ستين پاڪستان – برطانيا آرمز ڪنٽرول ڊائيلاگ جي پڻ تصديق ڪئي، جنهن ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ کان وٺي پرامن ائٽمي استعمال تائين جا موضوع شامل هئا. انساني همدرديءَ جي رخن تي ترجمان چيو ته پاڪستان غزه جي لاءِ 26 امدادي کيپ موڪليون آهن ۽ اسرائيلي رڪاوٽن جي باوجود وڌيڪ موڪلڻ جو عزم رکي ٿو. ايراني صدر جي امڪاني دوري جي سوال تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان وضاحت ڪئي ته 26 جولاءِ جي ڪا حتمي تاريخ طئي نه ٿي هئي، ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ تفصيل طئي ٿيڻ تي حتمي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. هن ڪجهه ملازمن جي ويزائن جي حوالي سان رپورٽس تي تبصرو ڪندي چيو ته اندروني طريقيڪار جاري آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن سان مشاورت ڪئي پئي وڃي. روهنگيا پناهگيرن جي پاسپورٽس جي رپورٽس تي ترجمان لاڳاپيل وزارتن کان معلومات وٺڻ کانپوءِ جواب ڏيڻ جو وچن ڪيو. ترجمان ڀارت سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پاڪستان جي واضح پاليسي کي ورجايو. هن چيو ته سفارتي ڳالهه ٻولهه ڪو احسان نه آهي اهو ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ آهي ۽ ماضي ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ آمريڪا جي ڪردار جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ٿورا ادا ڪيا. صدر ٽرمپ جي تازي بيان بابت پڇيل سوال تي هن ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ امڪاني ائٽمي بحران کي ٽارڻ جو ڪريڊٽ ورتو آهي، ترجمان چيو ته اسان بار بار دوست ملڪن بشمول آمريڪا جي ڪردار کي تسليم ڪيو آهي. ان بحران جون حقيقتون سڀني کي معلوم آهن. آمريڪا – پاڪستان ڳالهه ٻولهه ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ سنڌ طاس معاهدي (آءِ ڊبليو ٽي) تي خيالن جي ڏي وٺ جي رپورٽس جي حوالي سان ترجمان تصديق ڪيئ ته اها مسئلا پاڪستان جي سفارتي ايجنڊا جو مرڪز آهن ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات ۾ انهن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هن آخر ۾ چيو ته پاڪستان بدلجندڙ جيو پوليٽيڪل چئلينجز جي وچ ۾ عالمي سطح تي مصروف عمل آهي.

مزید خبریں