وزيراعظم پاران ميڊيڪل ڪاليجز ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي ڪوٽا بحال ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميڊيڪل ڪاليجز ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي ڪوٽا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته قبائلين سدائين پاڪستان جي سلامتي ۽ امن جي لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن، ضم ٿيل ضلعن ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب …

اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميڊيڪل ڪاليجز ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي ڪوٽا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته قبائلين سدائين پاڪستان جي سلامتي ۽ امن جي لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن، ضم ٿيل ضلعن ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قبائلي اڳواڻن جي جرڳي ملاقات ڪئي ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي صدر مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ وزيراعظم هائوس ايندڙ خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي قبائلي اڳواڻن جي وفد کي ڀليڪار ڪيو. جرڳي ۾ خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن ۾ امن جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ انهن علائقن جي تعمير ۽ ترقي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيڪل ڪاليجز ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي ڪوٽا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو. قبائلي اڳواڻن ڪوٽا بحال ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ۽ خوشي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم قبائلي اڳواڻن سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي اڄ وزيراعظم هائوس ۾ توهان قبائلي اڳواڻن جي ميزباني ڪندي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي، توهان جو تعلق پاڪستان جي انهن علائقن سان آهي جيڪي شاندار تاريخي پس منظر ۽ روايتن جا امين آهن، قبائلين سدائين پاڪستان جي سلامتي ۽ امن جي لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن، ضم ٿيل ضلعن ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جا جوان دهشتگردن جي خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي رهيا آهن، پاڪستان کي امن جو گهوارو بڻائڻ جي لاءِ سمورن مڪتبه فڪر جي ڏاهن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ضم ٿيل ضلعن جي معاشي ترقي ۽ اتان جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي عوام خاص طور تي نوجوانن کي تعليم، صحت، هنر ۽ روزگار جي برابر ۽ بهترين موقعن جي فراهمي اسان جي ترجيح آهي، وفاقي حڪومت ضم ٿيل ضلعن ۾ فاٽا يونيورسٽي ۽ پوليس انفراسٽرڪچر جي بهتري جي لاءِ هن سال جي ترقياتي بجيٽ ۾ وڏي رقم رکي آهي. وزيراعظم پاران ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سرحدي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت ۾ ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن جي حوالي سان قائم ڪيل ڪميٽي جي دائره ڪار ۾ توسيع جي هدايت ڪندي چيو ته ان ڪميٽي ۾ ضم ٿيل ضلعن جي قبائلي اڳواڻن کي پڻ نمائندگي ڏني پئي وڃي. ڪميٽي جي دائره ۾ توسيع ۽ قبائلي اڳواڻن جي نمائندگي ۽ ميڊيڪل ڪاليجز ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ ضم ٿيل ضلعن جي ڪوٽا بحال ڪرڻ تي قبائلي اڳواڻن جي وفد ٿورا مڃيندي تازي پاڪستان – ڀارت تڪرار جي دوران پاڪ فوج جي دليراڻي حڪمت عملي ۽ ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد ضم ٿيل ضلعن ۾ امن امان ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان ان مشاورتي ويهڪ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا، ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي بهتري جي حوالي سان قبائلي اڳواڻن سان اهڙي طرح جون وڌيڪ مشاورتي ويهڪون رکيون وينديون. ملاقات ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارر، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سرحدي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وزيراعظم جي صلاحڪارن پرويز خٽڪ، ڊاڪٽر توقير شاهه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:27

مزید خبریں