پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سلامتي، دفاع ۽ ڳجهي معلومات بابت گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جو پهريون اجلاس

اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سلامتي، دفاع ۽ ڳجهي معلومات بابت گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽي (جي ايس سي) جو پهريون اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيو، ٻنهي طرفن عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي مسئلن سميت اڀرندڙ جاگرافيائي رجحانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ڪالهه خميس ڏينهن جاري بيان موجب ترڪيه جي وفد جي …

اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سلامتي، دفاع ۽ ڳجهي معلومات بابت گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽي (جي ايس سي) جو پهريون اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيو، ٻنهي طرفن عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي مسئلن سميت اڀرندڙ جاگرافيائي رجحانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ڪالهه خميس ڏينهن جاري بيان موجب ترڪيه جي وفد جي قيادت ڏکڻ ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل سفير جهاد ارگيني ڪئي جڏهن ته پاڪستاني وفد جي سربراهي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اوڀر ايشيا) سفير سيد علي اسد گيلاني ڪئي. اها ڪميٽي پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ 12 – 13 فيبروري 2025ع تي منعقد اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) جي ستين اجلاس کانپوءِ جوڙي وئي هئي. ٻنهي طرفن عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي مسئلن سميت اڀرندڙ جيو پوليٽيڪل رجحانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جي ايس سي جي مباحثن سان پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير جي گڏيل سربراهي ۾ ٿيندڙ جوائنٽ ڪمييشن جي تيارين ۾ مدد ملندي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط تاريخي ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل مذهبي، ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ رشتن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن دفعا، واپار، توانائي، چرپر، سياحت، تعليم، دفاعي صنعتن، زراعت، صحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ويجهو تعاون جاري رکيو آهي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:30

مزید خبریں